015 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 99 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ وَقُرْاٰنٍ مُّبِيْنٍ 1
الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي (پسنديده) ڪتاب ۽ روشن قرآن جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادريرُبَمَا يَوَدُّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِيْنَ 2
ڪافر (آخرت ۾ مومنن تي الله جي رحمت جا منظر ڏسي) بار بار تمنا ڪندا ته ڪاش! اهي مسلمان هجن ها.
— مولانا طاھر القادريذَرْهُمْ يَاْكُلُوْا وَيَتَمَتَّعُوْا وَيُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُوْنَ 3
توهان (غمگين نه ٿيو) انهن کي ڇڏي ڏيو اُهي کائيندا (پيئندا) رهن ۽ عيش ڪندا رهن ۽ (انهن جون) ڪوڙيون اميدون انهن کي (آخرت کان) غافل رکن پوءِ اُهي عنقريب (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْيَةٍ اِلَّا وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ 4
۽ اسان ڪوبه ڳوٺ تباهه نه ڪيو مگر هي ته ان جي لاءِ هڪ معلوم (قانوني) لکت هئي (جنهن جي انهن خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجي انجام کي وڃي پهتا).
— مولانا طاھر القادريمَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَمَا يَسْتَاْخِرُوْنَ 5
ڪابه قوم (ترقي ۽ زوال جي قانون جي) پنهنجي مقرر ٿيل مدي کان نه اڳتي وڌي سگهي ٿي ۽ نه پٺتي هٽي سگهي ٿي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْ نُزِّلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ لَمَجْنُوْنٌ 6ۭ
۽ (ڪافر گستاخي ڪندي) چون ٿا: اي شخص جنهن تي قرآن لاٿو ويو بيشڪ تون ديوانو آهين.
— مولانا طاھر القادريلَوْ مَا تَاْتِيْنَا بِالْمَلٰۗىِٕكَةِ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 7
تون اسان وٽ ملائڪن کي ڇو نٿو آڻين جيڪڏهن تون سچو آهين؟
— مولانا طاھر القادريمَا نُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَمَا كَانُوْٓا اِذًا مُّنْظَرِيْنَ 8
اسان ملائڪن کي نٿا لاهيون مگر حق (جي فيصلي) سان گڏ (يعني جڏهن عذاب جي گهڙي اچي پهچي ته ان کي نافذ ڪرڻ جي لاءِ لاهيون ٿا) ۽ ان وقت انهن کي مهلت نٿي ڏني وڃي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا نَـحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 9
بيشڪ هي عظيم ذڪر (قرآن) اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ يقيناً اسان ئي ان جي حفاظت ڪنداسين.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ فِيْ شِيَعِ الْاَوَّلِيْنَ 10
۽ بيشڪ اسان توهان کان پهرين اڳين امتن ۾ به رسول موڪليا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 11
۽ انهن وٽ ڪوبه رسول نه ايندو هو مگر هي ته اُهي ساڻس مسخريون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريكَذٰلِكَ نَسْلُكُهٗ فِيْ قُلُوْبِ الْمُجْرِمِيْنَ ۙ12
اهڙي ريت اسان ان (مسخري ۽ چٿر) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪري ڇڏيون ٿا.
— مولانا طاھر القادريلَا يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَقَدْ خَلَتْ سُـنَّةُ الْاَوَّلِيْنَ 13
هي ماڻهو هن (قرآن) تي ايمان نه آڻيندا ۽ بيشڪ اڳين جو (اِهوئي) طريقو گذري چڪو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ بَابًا مِّنَ السَّمَاۗءِ فَظَلُّوْا فِيْهِ يَعْرُجُوْنَ ۙ14
۽ جيڪڏهن اسان انهن تي آسمان جو ڪو دروازو (به) کولي ڇڏيون (۽ انهن جي لاءِ اهو به ممڪن بڻايون ته) اُهي سڄو ڏينهن ان ۾ مٿي چڙهندا رهن.
— مولانا طاھر القادريلَقَالُوْٓا اِنَّـمَا سُكِّرَتْ اَبْصَارُنَا بَلْ نَـحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُوْرُوْنَ ۧ15
(تڏهن به) اِهي ماڻهو يقيناً (اِهو) چوندا ته (ڪنهن حيلي ۽ فريب سان) اسان جي نظربندي ڪئي ويئي آهي بلڪه اسان جي مٿان جادو ڪيو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ جَعَلْنَا فِي السَّمَاۗءِ بُرُوْجًا وَّزَيَّنّٰهَا لِلنّٰظِرِيْنَ ۙ16
۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ (ڪهڪشائن جي صورت ۾ تارن جي حفاظت جي لاءِ) قلعا بڻايا ۽ اسان ان (خلائي ڪائنات) کي ڏسڻ وارن جي لاءِ سينگاريو.
— مولانا طاھر القادريوَحَفِظْنٰهَا مِنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ رَّجِيْمٍ ۙ17
۽ اسان ان (آسماني ڪائنات جي نظام) کي هر تڙيل شيطان (يعني هر سرڪش قوت جي شرارتي عمل) کان محفوظ ڪري ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ مُّبِيْنٌ 18
مگر جيڪو به لڪ ڇپ ۾ ٻڌڻ جي لاءِ اچيو گهسي ته هڪ (ٻرندڙ) چمڪندڙ شعلو سندس پويان پئجي ويندو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُوْنٍ 19
۽ زمين کي اسان (گول هجڻ جي باوجود) پکيڙيو ۽ اسان ان ۾ (مختلف مادن کي پاڻ ۾ ملائي) مضبوط جبل ٺاهيا ۽ اسان ان ۾ هر جنس کي (گهربل) توازن جي مطابق واڌ ويجهه ڏني.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ وَمَنْ لَّسْتُمْ لَهٗ بِرٰزِقِيْنَ 20
۽ اسان ان ۾ توهان جي لاءِ گذران جا وسيلا پيدا ڪيا ۽ انهن (انسانن، جانورن ۽ پکين) جي لاءِ به جن کي توهان رزق مهيا نٿا ڪريو.
— مولانا طاھر القادري