014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي (عظيم) ڪتاب آهي جنهن کي اسان توهان ڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن توهان ماڻهن کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) نور ڏانهن آڻيو (وڌيڪ اهو ته) سندن رب جي حڪم سان ان جي واٽ ڏانهن (آڻيو) جيڪو غلبي وارو سڀني خوبين وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
اُهو الله ته جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي (سڀ) انهيءَ جو آهي، ۽ ڪافرن جي لاءِ سخت عذاب جي ڪري بربادي آهي.
— مولانا طاھر القادريۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
(هي) اُهي ماڻهو آهن جيڪي دنيا جي زندگي کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) الله جي واٽ کان روڪين ٿا ۽ هن (حق واري دين) ۾ ڏنگائي تلاش ڪن ٿا. هي ماڻهو پري جي گمراهي ۾ (پئجي چڪا) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ اسان ڪنهن رسول کي نه موڪليوسين مگر سندس قوم جي زبان سان گڏ ته جيئن اهو انهن جي لاءِ (حق جو پيغام) چڱيءَ طرح کولي بيان ڪري سگهي، پوءِ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪري ٿو جنهن کي گهري هدايت ڏي ٿو، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ بيشڪ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي پنهنجي نشانين سان موڪليو ته (اي موسيٰ!) تون پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ڏانهن وٺي وڃ ۽ انهن کي الله جي ڏينهن جي ياد ڏيار (جيڪي انهن تي ۽ اڳين امتن تي اچي چڪا هئا). بيشڪ ان ۾ هر زياده صبر ڪرڻ واري (۽) خوب شڪر بجا آڻيندڙ جي لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي قوم کي چيو: توهان پنهنجي مٿان الله جي (ان) انعام کي ياد ڪريو جڏهن ان توهان کي فرعون وارن کان نجات ڏني جيڪي توهان کي سخت عذاب پهچائيندا هئا ۽ توهان جي ڇوڪرن کي ڪُهي ڇڏيندا هئا ۽ توهان جي عورتن کي زندهه ڇڏي ڏيندا هئا، ۽ ان ۾ توهان جي رب جي طرفان وڏي ڳوري آزمائش هئي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ (ياد ڪريو) جڏهن توهان جي رب آگاهه فرمايو ته جيڪڏهن توهان شڪر ادا ڪندؤ ته آئون توهان تي (نعمتن ۾) ضرور واڌارو ڪندس ۽ جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندؤ ته منهنجو عذاب يقيناً سخت آهي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسيٰ (عليه السلام) چيو: جيڪڏهن توهان ۽ اُهي سڀئي ماڻهو جيڪي زمين ۾ آهن ڪفر ڪرڻ لڳن ته بيشڪ الله (انهن سڀني کان) يقيناً بي پرواهه حمد و ثنا جو لائق آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جيڪي توهان کان اڳ ۾ گذريا آهن، (اُهي) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود (جي قومن جا ماڻهو) هئا ۽ (ڪجهه) ماڻهو جيڪي انهن کان پوءِ گذريا، انهن کي الله کانسواءِ ڪير به نٿو ڄاڻي (ڇوته اُهي صفحهِ هستي تان بلڪل نيست و نابود ٿي چڪا آهن)، انهن وٽ سندن رسول پڌرين نشانين سان آيا هئا پوءِ انهن (دشمني ۽ ٺٺولي ڪندي) پنهنجا هٿ پنهنجي منهن ۾ وجهي ڇڏيا ۽ (وڏي جرئت سان) چوڻ لڳا: اسان هن (دين) جو انڪار ڪيو جنهن ساڻ توهان کي موڪليو ويو آهي ۽ يقيناً اسان انهيءَ شيءِ بابت بي چين ڪندڙ شڪ ۾ مبتلا آهيون جنهن ڏانهن توهان اسان کي سڏيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
سندن پيغمبرن چيو: ڇا الله جي باري ۾ شڪ آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا فرمائيندڙ آهي، (جيڪو) توهان کي سڏي ٿو جيئن توهان جا گناهه توهان کي بخش ڪري ۽ (توهان جي نافرمانين جي باوجود) توهان کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏي ٿو. اُهي (ڪافر) چوڻ لڳا: توهان ته صرف اسان جهڙا بشر ئي آهيو، توهان اهو گهرو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، پوءِ توهان اسان وٽ ڪو روشن دليل آڻيو.
— مولانا طاھر القادريقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
انهن جي رسولن کين چيو: توڻي جو اسان (نفسِ بشريت ۾) توهان وانگر انسان ئي آهيون پر (ان فرق تي به غور ڪريو ته) الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي گهري ٿو احسان فرمائي ٿو (پوءِ برابري ڇاجي؟)، ۽ (رهي روشن دليل جي ڳالهه) اِهو اسان جو ڪم ناهي ته اسان الله جي حڪم بنا توهان وٽ ڪو دليل آڻيون، ۽ الله تي ئي مومنن کي ڀروسو ڪرڻ کپي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان کي ڇا آهي جو اسان الله تي ڀروسو نه ڪريون ان حال ۾ ته ان اسان کي (هدايت ۽ ڪاميابي جون) واٽون ڏيکاريون آهن، ۽ اسان ضرور توهان جي اذيت پهچائڻ تي صبر ڪنداسين، ۽ توڪل وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ ڪافر پنهنجي پيغمبرن کي چوڻ لڳا: اسان هر صورت ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍنداسين يا توهان کي ضرور اسان جي مذهب ۾ موٽي اچڻو پوندو، ته انهن جي رب انهن ڏانهن وحي موڪليو ته اسان ظالمن کي ضرور تباهه ڪنداسين.
— مولانا طاھر القادريوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ انهن کان پوءِ اسان توهان کي ضرور (انهيءَ) ملڪ ۾ آباد ڪنداسين. هي (وعدو) هر ان ماڻهوءَ جي لاءِ آهي جيڪو منهنجي حضور ۾ بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي (عذاب جي) وعدي کان خوفزده ٿيو.
— مولانا طاھر القادريوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
۽ (نيٺ) رسولن (الله کان) فتح گهري ۽ هر سرڪش ضدي نامراد ٿي ويو.
— مولانا طاھر القادريمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
انهيءَ (بربادي) جي پٺيان (وري) جهنم آهي ۽ کيس پونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.
— مولانا طاھر القادرييَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
جنهن کي اُهو مشڪل سان هڪ هڪ ڍُڪ پيئندو ۽ ان کي نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو، ۽ ان کي هر پاسي کان موت اچي گهيريندو ۽ اُهو مري (به) نه سگهندو، ۽ (پوءِ) ان جي پٺيان (هڪ ٻيو) وڏو ئي سخت عذاب هوندو.
— مولانا طاھر القادريمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن جو مثال هي آهي ته انهن جا عمل (ان) رک وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان جي ڏينهن سخت هوا جو جهوٽو آيو، اُهي انهن (عملن) مان جيڪي انهن ڪمايا هئا ڪنهن شيءِ تي قابو نه پائي سگهندا. اِها ئي تمام پري جي گمراهي آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
(اي ٻڌندڙ!) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي حق (تي ٻڌل حڪمت) سان پيدا فرمايو. جيڪڏهن اُهو گهري (ته) توهان کي نيست و نابود فرمائي ڇڏي ۽ (توهان جي جاءِ تي) نئين مخلوق وٺي اچي.
— مولانا طاھر القادريوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ هي (ڪم) الله تي (ڪجهه به) مشڪل نه آهي.
— مولانا طاھر القادري