013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
الف لام ميم را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي الله جي ڪتاب جون آيتون آهن، ۽ جيڪو ڪجهه توهان جي رب جي طرفان اوهان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي (اُهو) حق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
الله اُهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀ جي (خلا ۾) بلند فرمايو (جيئن) توهان ڏسي رهيا آهيو پوءِ (پوري ڪائنات کي گهيريندڙ پنهنجي) تختِ اقتدار تي (پنهنجي شان جي لائق) متمڪن ٿيو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي نظام جو پابند بڻايو. هر هڪ پنهنجي مقرر ڪيل مدت (۾ پنڌ مڪمل ڪرڻ) جي لاءِ (پنهنجي پنهنجي مدار ۾) هلي ٿو، اُهوئي (سموري ڪائنات جي) پوري نظام جي تدبير فرمائي ٿو، (سڀني) نشانين (يا فطرت جي قانونن) کي تفصيل سان کولي بيان فرمائي ٿو ته جيئن توهان پنهنجي رب جي آڏو حاضر ٿيڻ جو يقين ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ اُهوئي آهي جنهن (گولائي جي باوجود) زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ جبل ۽ دريا بڻايا، ۽ هر قسم جي ميون ۾ (به) ان ٻن ٻن (جنسن جا) جوڙا ٺاهيا (اُهوئي) رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو، بيشڪ ان ۾ غور فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (تمام گهڻيون) نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ زمين ۾ (مختلف قسم جا) ٽڪرا آهن جيڪي هڪٻئي جي ويجهو آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ پوکون آهن ۽ کجين جا وڻ آهن، جھڳٽي وار ۽ بنا جھڳٽي جي، انهن (سڀني) کي هڪ ئي پاڻيءَ سان سيراب ڪيو وڃي ٿو ۽ (ان جي باوجود) اسان ذائقي ۾ هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏيون ٿا، بيشڪ ان ۾ عقلمندن جي لاءِ (وڏيون) نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
۽ جيڪڏهن توهان (ڪافرن جي انڪار تي) تعجب ڪريو ته انهن جو (هي) چوڻ عجيب (تر) آهي ته ڇا جڏهن اسان (مري) مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان نئين سر پيدا ڪيا وينداسين؟ اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو، ۽ انهن ئي ماڻهن جي ڳچين ۾ ڳٽ (پيل) هوندا، ۽ اِهي ئي ماڻهو دوزخي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
۽ اِهي ماڻهو رحمت کان اڳ ۾ توهان کان عذاب گهرڻ ۾ جلدي ٿا ڪن، حالانڪه انهن کان پهرين ڪيئي عذاب گذري چڪا آهن، ۽ (اي حبيب!) بيشڪ توهان جو رب ماڻهن جي لاءِ انهن جي ظلم جي باوجود بخشش وارو آهي ۽ يقيناً توهان جو رب سخت عذاب ڏيندڙ (به) آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ ڪافر چون ٿا ته هن (رسول) تي سندس رب جي پاران ڪا نشاني ڇو نه لاٿي ويئي؟ (اي رسول مڪرم!) توهان ته صرف (نافرمانن کي بڇڙي انجام کان) ڊيڄاريندڙ ۽ (دنيا جي) هر قوم جي لاءِ هدايت پهچائڻ وارا آهيو.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه هر مادي پنهنجي پيٽ ۾ کڻي ٿي ۽ رحم جيتري قدر سوڙها ٿين ۽ جيتري قدر وڌن ٿا، ۽ هر شيءِ ان وٽ مقرر حد سان آهي.
— مولانا طاھر القادريعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
اُهو هر لڪل ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي سڀني کان مٿانهين (۽) اعليٰ مرتبي وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
توهان مان جيڪو شخص آهستي آهستي ڳالهه ڪري ۽ جيڪو ڏاڍيان ڪري ۽ جيڪو رات (جي اونداهي) ۾ لڪل هجي ۽ جيڪو ڏينهن (جي روشني) ۾ گهمندو ڦرندو هجي (ان جي لاءِ) سڀئي برابر آهن.
— مولانا طاھر القادريلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
(هر) انسان جي لاءِ هڪٻئي پٺيان ايندڙ (ملائڪ) آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت کي نٿو تبديل ڪري ايستائين جو اُهي پنهنجو پاڻ ۾ خود تبديلي پيدا ڪن، ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم سان (انهن جي ئي برن عملن جي ڪري) عذاب جو ارادو فرمائي ٿو ته ان کي ڪو ٽاري نٿو سگهي، ۽ نه ئي ان جي لاءِ الله جي مقابلي ۾ ڪو مددگار هجي ٿو.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
اُهوئي آهي جيڪو توهان کي (ڪڏهن) ڊيڄارڻ ۽ (ڪڏهن) اميد ڏيارڻ جي لاءِ بجلي ڏيکاري ٿو ۽ (ڪڏهن) ڳورن (گهاٽن) ڪڪرن کي اٿاريندو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
(کنوڻن ۽ ڪڪرن جي) گوڙ (يا ان تي مقرر ملائڪ) ۽ سڀئي ملائڪ ان جي ڊپ کان ان جي حمد سان گڏ تسبيح ڪن ٿا، ۽ اُهو ٺڪا ڪندڙ وڄون موڪلي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي ٿو ان تي ڪيرائي ٿو، ۽ اُهي (ڪافر قدرت جي انهن نشانين جي باوجود) الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، ۽ اُهو سخت تدبير ۽ پڪڙ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
انهيءَ جي لاءِ حق (يعني توحيد) جي دعوت آهي، ۽ اُهي (ڪافر) جيڪي ان کانسواءِ (ڪوڙن معبودن يعني بتن) جي عبادت ڪن ٿا، اُهي کين ڪنهن شيءِ جو جواب به نٿا ڏيئي سگهن. انهن جو مثال ته صرف ان ماڻهو وانگر آهي جيڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻي ڏانهن ڊگهيري (ويٺو) هجي ته پاڻي (خود) اچي ان جي منهن تائين پهچي ۽ (ائين ته) اُهو (پاڻي) ان تائين پهچڻ وارو ناهي، ۽ (اهڙي طرح) ڪافرن جو (بتن جي عبادت ۽ انهن کان) دعا گهرڻ گمراهي ۾ ڀٽڪڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.
— مولانا طاھر القادريوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اُهو ته الله جي ئي لاءِ سجدو ڪري ٿو (ڪي) خوشيءَ سان ۽ (ڪي) مجبوري مان ۽ انهن جا پاڇا (به) صبح ۽ شام (ان کي ئي سجدو ڪندا آهن ته پوءِ انهن ڪافرن الله کي ڇڏي بتن کي ڇو سجدا ڪرڻ شروع ڪيا آهن).
— مولانا طاھر القادريقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
(انهن ڪافرن جي سامهون) فرمايو ته آسمانن ۽ زمين جو رب ڪير آهي؟ توهان (پاڻ ئي) فرمايو: الله آهي. (پوءِ) توهان (انهن کان دريافت) فرمايو: ڇا توهان ان کانسواءِ (انهن بتن) کي ڪارساز بڻايو آهي جيڪي نه پنهنجي پاڻ جي لاءِ ڪنهن نفعي جا مالڪ آهن ۽ نه ڪنهن نقصان جا. توهان فرمايو ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا يا ڇا اونداهيون ۽ روشني برابر ٿي سگهن ٿيون. ڇا انهن الله جي لاءِ اهڙا شريڪ بڻايا آهن جن الله جي مخلوق وانگر (ڪجهه مخلوق) پاڻ (به) پيدا ڪئي هجي، پوءِ (انهن بتن جي پيدا ڪيل) ان مخلوق کان انهن کي شڪ شبهو (يعني مغالطو) ٿي پيو هجي، فرمايو: الله ئي هر شيءِ جو خالق آهي ۽ اُهو هڪ آهي، اُهو سڀني تي غالب آهي.
— مولانا طاھر القادرياَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
ان آسمان کان پاڻي لاٿو ته ماٿريون پنهنجي (پنهنجي) گنجائش مطابق وهي هليون، پوءِ سيلاب جي وهڪري اڀريل جَهاڳ اُٿاريي، ۽ جن شين کي باهه ۾ تپائن ٿا، زيور يا ٻيو سامان بڻائڻ جي لاءِ ان تي به اهڙي ئي جهاڳ ٿيندي آهي، اهڙي طرح الله حق ۽ باطل جا مثال بيان فرمائي ٿو، سو جهاڳ ته (پاڻي واري هجي يا باهه واري سڀئي) بيڪار ٿي وڃي ٿي ۽ البته جيڪو ڪجهه ماڻهن جي لاءِ فائديمند هوندو آهي سو زمين ۾ باقي رهي ٿو الله اهڙي طرح مثال بيان فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادريلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
انهن ماڻهن جي لاءِ جن پنهنجي رب جو حڪم قبول ڪيو ڀلائي آهي، ۽ جن ان جو حڪم قبول نه ڪيو جيڪڏهن انهن وٽ اهو سڀ ڪجهه هجي جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ان سان گڏ ايترو ٻيو به هجي پوءِ اُهي ان کي (عذاب کان ڇوٽڪاري جي لاءِ) فديو ڏين (تڏهن به) انهن ماڻهن جو حساب برو ٿيندو، ۽ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اُهو انتهائي برو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
ڀلا اُهو شخص جيڪو اهو ڄاڻي ٿو ته جو ڪجهه اوهان جي طرف اوهان جي رب جي پاران نازل ڪيو ويو آهي حق آهي، ان شخص وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪو انڌو آهي، ڳالهه اِهائي آهي ته نصيحت عقلمند ئي قبول ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
جيڪي ماڻهو الله جي عهد کي پورو ڪن ٿا ۽ قول و قرار کي نٿا ڀڃن.
— مولانا طاھر القادري