012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادرياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
بيشڪ اسان هن ڪتاب کي قرآن جي صورت ۾ عربي زبان ۾ لاٿو ته جيئن توهان (ان کي سڌي طرح) سمجهي سگهو.
— مولانا طاھر القادرينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي حبيب!) اسان توهان سان هڪ بهترين قصو بيان ڪريون ٿا هن قرآن جي ذريعي جنهن کي اسان توهان جي طرف وحي ڪيو آهي، توڻي جو توهان هن کان پهرين (انهيءَ قصي کان) بي خبر هئا.
— مولانا طاھر القادرياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(اُهو قصو هيئن آهي) جڏهن يوسف (عليه السلام) پنهنجي پيءُ کي چيو: اي منهنجا والد سڳورا! مون (خواب ۾) يارهن تارن کي ۽ سج ۽ چنڊ کي ڏٺو آهي، مون انهن کي پنهنجي لاءِ سجدو ڪندي ڏٺو آهي.
— مولانا طاھر القادريقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
ان چيو: اي منهنجا پٽ! پنهنجو هي خواب پنهنجن ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ نه ته اُهي تنهنجي خلاف ڪا دوکي واري چال ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو کليو دشمن آهي.
— مولانا طاھر القادريوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
اهڙي طرح تنهنجو رب توکي (بزرگيءَ جي لاءِ) چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جي انجام تائين پهچڻ (يعني خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري فرمائيندو جيئن ان هن کان اڳ توهان جي ٻنهي پيئن (يعني پڙڏاڏي ۽ ڏاڏي) ابراهيم ۽ اسحاق (عليهما السلام) تي پوري فرمائي هئي، بيشڪ توهان جو رب خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ يوسف (عليه السلام) ۽ ان جي ڀائرن (جي واقعي) ۾ پڇڻ وارن جي لاءِ (ڪيتريون ئي) نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادرياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
(اُهو وقت ياد ڪريو) جڏهن يوسف (عليه السلام) جي ڀائرن چيو ته واقعي يوسف (عليه السلام) ۽ ان جو ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ محبوب آهن حالانڪه اسان (ڏهه ڄڻن تي مشتمل) وڌيڪ مضبوط جماعت آهيون. بيشڪ اسان جا والد (انهن جي محبت جي) کلي بيخودي ۾ گم آهن.
— مولانا طاھر القادريۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
(هاڻي اِهو ئي حل آهي ته) توهان يوسف (عليه السلام) کي قتل ڪري ڇڏيو يا پري ڪنهن نامعلوم علائقي ۾ اڇلائي اچو (اهڙي طرح) توهان جي پيءُ جو ڌيان خالص توهان جي طرف ٿي ويندو ۽ ان کان پوءِ توهان (توبه ڪري) صالحن جي جماعت بڻجي وڃجو.
— مولانا طاھر القادريقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: توهان يوسف (عليه السلام) کي قتل نه ڪريو ۽ ان کي ڪنهن اونداهي کوهه جي اونهائي ۾ اڇلايو ان کي ڪو واٽ ويندڙ مسافر کڻي ويندو جيڪڏهن توهان (ڪجهه) ڪرڻ وارا آهيو (ته اهو ڪريو).
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
انهن چيو: اي اسان جا پيءُ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي توهان يوسف (عليه السلام) جي باري ۾ اسان تي ڀروسو نٿا ڪريو حالانڪه اسان يقيني طور تي ان جا گهڻ گهرا آهيون.
— مولانا طاھر القادرياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
توهان ان کي سڀاڻي اسان سان گڏ موڪليو هو خوب کائي ۽ کيڏي ۽ بيشڪ اسان ان جا محافظ آهيون.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
ان چيو: بيشڪ مون کي اهو خيال غمگين ڪري ٿو ته توهان هن کي کڻي وڃو ۽ آئون (ان خيال کان به) ڊنل آهيان ته ان کي بگهڙ کائي وڃي ۽ توهان ان (جي حفاظت) کان غافل رهو.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
اُهي چوڻ لڳا: جيڪڏهن ان کي بگهڙ کائي وڃي حالانڪه اسان هڪ مضبوط جماعت به (موجود) هجون ته اسان ته بلڪل بيڪار ٿياسين.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن اُهي ان کي وٺي ويا ۽ سڀئي اِن تي متفق ٿيا ته هن کي اونداهي کوهه جي اونهائيءَ ۾ اڇلايو تڏهن اسان ان جي طرف وحي موڪليو (اي يوسف! پريشان نه ٿجانءِ هڪ وقت ايندو) ته تون يقيناً انهن کي سندن هي ڪم ياد ڏياريندي ۽ انهن کي (تنهنجي مٿانهين مرتبي جو) شعور نه هوندو.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ اُهي (يوسف عليه السلام کي کوهه ۾ اڇلائي) پنهنجي پيءُ وٽ رات جي وقت (ٺڳيءَ جو روئڻ) روئندي آيا.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چوڻ لڳا: اي اسان جا پيءُ! اسان ڊوڙ جي مقابلي ۾ هليا وياسين ۽ اسان يوسف(عليه السلام) کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيو هو ته کيس بگهڙ کائي ويو، ۽ توهان (ته) اسان جي ڳالهه جو يقين (به) نه ڪندؤ توڻي جو اسان سچا ئي هجون.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ اُهي ان جي قميص تي ڪوڙو رت (به) لڳائي آيا هئا (يعقوب عليه السلام) چيو: (حقيقت اها ناهي) بلڪه توهان جي (حاسد) نفسن هڪ (تمام وڏو) ڪم توهان جي لاءِ سولو ۽ خوشگوار بڻايو (جيڪو توهان ڪري وڌو)، پوءِ (هن حادثي تي) صبر ئي چڱو آهي، ۽ الله کان ئي مدد گهران ٿو ان تي جيڪو ڪجهه توهان بيان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ (هوڏانهن) مسافرن جو هڪ قافلو اچي پهتو ته انهن پنهنجو پاڻي ڀرڻ وارو موڪليو سو ان پنهنجو ڏول (ان کوهه ۾) لٽڪايو، اهو چوڻ لڳو: خوشخبري هجي هي هڪ ڇوڪرو آهي، ۽ انهن هن کي قيمتي واپار جو سامان سمجهندي لڪايائون، ۽ الله انهن ڪمن کي جيڪي اُهي ڪري رهيا هئا خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ يوسف (عليه السلام) جي ڀائرن (جيڪي موقعي تي اچي ويا هئا ان کي پنهنجو ڀڳل ٻانهو چئي انهن وٽ) تمام گهٽ قيمت ڳڻپ جي ڪجهه درهمن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو ڇوته اُهي مسافر ان (يوسف عليه السلام جي وٺڻ) جي باري ۾ (اڳ ۾ ئي) بي رغبت هئا (پوءِ مسافرن کيس مصر کڻي وڃي وڪڻي ڇڏيو).
— مولانا طاھر القادري