113 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
113:1
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ 1ۙ
توهان عرض ڪريو ته آئون (هڪ) ڌماڪي سان انتهائي تيزي سان (ڪائنات کي) وجود ۾ آڻيندڙ رب جي پناهه گهران ٿو.
— مولانا طاھر القادري
113:2
مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ 2ۙ
هر ان شيءِ جي شر (۽ نقصان) کان جيڪا اُن پيدا فرمائي آهي.
— مولانا طاھر القادري
113:3
وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ 3ۙ
۽ (خاص ڪري) اونداهي رات جي شر کان جڏهن (ان جي) اونداهي پکڙجي وڃي.
— مولانا طاھر القادري
113:4
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ 4ۙ
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪ ڏيندڙ جادوگراڻين (۽ جادوگرن) جي شر کان.
— مولانا طاھر القادري
113:5
وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ 5ۧ
۽ حسد ڪرڻ واري جي شر کان جڏهن اهو حسد ڪري.
— مولانا طاھر القادري