112 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 4 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
112:1
قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ 1ۚ
(اي نبي مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم!) اوهان فرمايو: اهو الله آهي جيڪو اڪيلو آهي.
— مولانا طاھر القادري
112:2
اَللّٰهُ الصَّمَدُ 2ۚ
الله سڀني کان بي نياز، سڀني جي پناهه ۽ سڀني تي فائق آهي.
— مولانا طاھر القادري
112:3
لَمْ يَلِدْ ڏ وَلَمْ يُوْلَدْ 3ۙ
نه ان مان ڪو پيدا ٿيو آهي ۽ نه ئي اُهو پيدا ڪيو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادري
112:4
وَلَمْ يَكُنْ لَّهٗ كُفُوًا اَحَدٌ 4ۧ
۽ نه ئي ان جو ڪو مٽ آهي.
— مولانا طاھر القادري