110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
110:1
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
جڏهن الله جي مدد ۽ فتح اچي پهچي.
— مولانا طاھر القادري
110:2
وَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
۽ توهان ماڻهن کي ڏسو (ته) اهي الله جي دين ۾ ٽولن جا ٽولا داخل ٿي رهيا آهن.
— مولانا طاھر القادري
110:3
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
ته توهان (شڪراني طور) پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح ڪريو ۽ (نوڙت ڪندي) ان کان معافي طلب ڪريو، بيشڪ اهو تمام وڏو توبه قبول فرمائيندڙ (۽ وڌيڪ رحمت سان رجوع فرمائيندڙ) آهي.
— مولانا طاھر القادري