011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا، هي اُهو) ڪتاب آهي جنهن جو آيتون مستحڪم بڻايون ويون آهن، پوءِ حڪمت واري باخبر (رب) جي طرفان اُهي تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن.
— مولانا طاھر القادرياَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
اِهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آئون توهان جي لاءِ ان (الله) جي طرفان ڊيڄاريندڙ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ اِهو ته توهان پنهنجي پروردگار کان بخشش طلب ڪريو پوءِ توهان ان جي درٻار ۾ (سچي دل سان) توبه ڪريو اُهو توهان کي مقرر وقت تائين سٺي سامان مان لطف اندوز رکندو ۽ هر فضيلت واري کي ان جي فضيلت جو بدلو ڏيندو (يعني ان جي عملن ۽ عبادت جي گهڻائيءَ مطابق اجر ۽ درجا عطا فرمائيندو)، ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته آئون توهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف رکان ٿو.
— مولانا طاھر القادرياِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
توهان کي الله جي ئي طرف موٽڻو آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي وڏي قدرت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
ڄاڻي ڇڏيو! بيشڪ اُهي (ڪافر) پنهنجي سينن کي ٻيڻو ڪن ٿا ته جيئن اُهي ان (خدا) کان (پنهنجي دلين جو حال) لڪائي سگهن، خبردار! جنهن وقت اُهي پنهنجا ڪپڙا (جسمن تي) ڍڪين ٿا (ته ان وقت به) اُهو انهن سڀني ڳالهين کي ڄاڻي ٿو جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي اُهي ظاهر ڪن ٿا، بيشڪ اُهو سينن جي (لڪل) ڳالهين کي خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
۽ زمين ۾ ڪو هلڻ ڦرڻ وارو (جاندار) نه آهي مگر (هي ته) ان جي روزي الله (جي ذمي ڪرم) تي آهي ۽ هو ان جي رهڻ جي جاءِ کي ۽ جتي کيس امانت رکيو وڃي تنهن جاءِ کي (به) ڄاڻي ٿو، هر ڳالهه روشن ڪتاب (لوحِ محفوظ) ۾ (لکيل) آهي.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ اُهوئي (الله) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين (جي مٿين ۽ هيٺين ڪائناتن) کي ڇهه ڏينهن (يعني تخليق ۽ ارتقاء جي ڇهه دورن ۽ مرحلن) ۾ پيدا فرمايو ۽ (زمين جي پيدا ڪرڻ کان اڳي) ان جي اقتدار جو تخت پاڻي تي هو (۽ هن ان مان زندگي جي تمام آثارن کي ۽ توهان کي پيدا ڪيو) ته جيئن اهو توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪير عمل جي لحاظ کان چڱو آهي؟ ۽ جيڪڏهن توهان اهو فرمايو ته توهان مرڻ کانپوءِ (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندؤ ته ڪافر يقيناً (هي) چوندا ته هي ته پڌري جادو کانسواءِ ڪجهه (به) نه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن اسان انهن کان ڪجهه مقرر ڏينهن تائين عذاب کي ٽاري ڇڏيون اُهي يقيناً چوندا ته هن کي ڪهڙي شيءِ روڪيو آهي، خبردار! جنهن ڏينهن اُهو (عذاب) مٿن ايندو (ته) انهن کان ڦيريو نه ويندو ۽ اُهو (عذاب) کين گهيري وٺندو جنهن تي اُهي ٺٺوليون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي طرفان رحمت جو مزو چکايون ٿا پوءِ اسان ان کي (ڪنهن سبب جي ڪري) کانئس واپس وٺون ٿا ته اُهو انتهائي مايوس (۽) ناشڪرو ٿي وڃي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن اسان کيس (ڪا) نعمت چکايون ٿا ان تڪليف کان پوءِ جيڪا ان کي پهچي چڪي هئي ته ضرور چوڻ لڳي ٿو ته مون کان سموريون تڪليفون هليون ويون، بيشڪ اُهو وڏو خوش ٿيندڙ (۽) فخر ڪندڙ (بڻجي) وڃي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
سواءِ انهن ماڻهن جي جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا، (ته) اهڙن ماڻهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
ڀلا ڇا اهو ممڪن آهي ته توهان ان مان ڪجهه ڇڏي ڏيو جيڪو توهان ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ۽ ان کان توهان جو (پاڪ) سينو تنگ ٿيڻ لڳي (ان خيال کان) ته ڪافر اهو چون ٿا ته هن (رسول) تي ڪو خزانو ڇو نه لاٿو ويو يا ان سان گڏ ڪو ملائڪ ڇو نه آيو، (ائين هرگز ممڪن ناهي اي رسولِ معظم!) توهان ته صرف ڊيڄاريندڙ آهيو (ڪنهن کي دنيا جي لالچ يا سزا ڏيڻ وارا نه آهيو)، ۽ الله هر شيءِ تي نگهبان آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
ڇا ڪافر اِهو چون ٿا ته پيغمبر هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي فرمايو: توهان (به) ان جهڙيون ٺاهيل ڏهه سورتون کڻي اچو ۽ الله کان سواءِ (پنهنجي مدد جي لاءِ) جنهن کي به گهرائي سگهو ٿا گهرايو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.
— مولانا طاھر القادريفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
(اي مسلمانؤ!) پوءِ جيڪڏهن اُهي توهان جي ڳالهه قبول نه ڪن ته يقين رکو ته قرآن فقط الله جي علم سان نازل ڪيو ويو آهي ۽ هي ته ان کانسواءِ ڪوبه معبود نه آهي، پوءِ ڇا (هاڻي) توهان اسلام تي (ثابت قدم) رهندو.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جيڪي ماڻهو (صرف) دنيا جي زندگي ۽ ان جي سونهن (۽ سينگار) جا طالب آهن اسان انهن جي عملن جو پورو پورو بدلو هن ئي دنيا ۾ ڏيئي ٿا ڇڏيون ۽ کين هن (دنيا جي صلي) ۾ ڪا به گهٽتائي نٿي ڏني وڃي.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
هي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ آخرت ۾ ڪو (حصو) ناهي سواءِ (دوزخ) جي باهه جي، ۽ اُهي سڀئي (عمل پنهنجي آخرت جي اجر جي حساب سان) تباهه ٿي ويا جيڪي انهن دنيا ۾ ڪيا هئا ۽ اُهو (سڀ ڪجهه) باطل ۽ بيڪار ٿي ويو جيڪو اُهي ڪندا رهيا هئا (ڇوته انهن جو حساب پوري اجر سان گڏ دنيا ۾ ئي چڪايو ويو آهي ۽ آخرت جي لاءِ ڪجهه ناهي بچيو).
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
اُهو شخص جيڪو پنهنجي رب جي طرفان روشن دليل تي آهي ۽ الله جي طرفان هڪ شاهد (قرآن) به ان شخص جي تائيد ۽ تقويت جي لاءِ اچي ويو آهي ۽ ان کان اڳ موسيٰ (عليه السلام) جو ڪتاب (تورات) به جيڪو رهنما ۽ رحمت هو (اچي چڪو هجي)، اِهي ئي ماڻهو هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، ڇا (هي) ۽ (ڪافر) فرقن مان اُهو شخص جيڪو هن (قرآن) جو منڪر آهي (برابر ٿي سگهن ٿا) جڏهن دوزخ جي باهه ان جو ٺڪاڻو آهي، پوءِ (اي ٻڌڻ وارا!) توکي کپي ته تون ان جي باري ۾ ٿورو به شڪ ۾ نه رهه، بيشڪ هي (قرآن) تنهنجي رب جي طرفان حق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان گهڙي ٿو، اهڙا ئي ماڻهو پنهنجي رب جي درٻار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ شاهد چوندا: اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب تي ڪوڙ ڳالهايو هو، ڄاڻي ڇڏيو ته ظالمن تي الله جي لعنت آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي ماڻهو (ٻين کي) الله جي واٽ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي ڳولين ٿا، ۽ اُهي ئي ماڻهو آخرت جا انڪاري آهن.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي (الله کي) زمين ۾ عاجز ڪري سگهڻ وارا نه آهن ۽ نه ئي انهن جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار آهن. انهن جي لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو (ڇوته) نه اُهي (حق ڳالهه) ٻڌڻ جي طاقت رکندا هئا ۽ نه (حق کي) ڏسي سگهندا هئا.
— مولانا طاھر القادري