109 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 6 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
109:1
قُلْ يٰٓاَيُّهَا الْكٰفِرُوْنَ 1ۙ
توهان فرمايو: اي ڪافرو!
— مولانا طاھر القادري
109:2
لَآ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَ 2ۙ
آئون انهن (بتن) جي عبادت نٿو ڪريان جن کي توهان پوڄيو ٿا.
— مولانا طاھر القادري
109:3
وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ 3ۚ
نه توهان ان (پالڻهار) جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو جنهن جي آئون عبادت ڪريان ٿو.
— مولانا طاھر القادري
109:4
وَلَآ اَنَا عَابِدٌ مَّا عَبَدْتُّمْ 4ۙ
۽ نه (ئي) آئون (آئينده ڪڏهن) انهن جي عبادت ڪرڻ وارو آهيان جن (بتن) جي توهان پوڄا ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادري
109:5
وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ 5ۭ
۽ نه (ئي) توهان ان جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو جنهن (پالڻهار) جي آئون عبادت ڪريان ٿو.
— مولانا طاھر القادري
109:6
لَكُمْ دِيْنُكُمْ وَلِيَ دِيْنِ 6ۧ
(سو) توهان جو دين توهان جي لاءِ ۽ منهنجو دين منهنجي لاءِ آهي.
— مولانا طاھر القادري