107 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ 1ۭ
ڇا توهان ان شخص کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو سمجهي ٿو؟
— مولانا طاھر القادريفَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ 2ۙ
ته هي اهو شخص آهي جيڪو يتيم کي ڌڪاري ٿو (يعني يتيمن جون حاجتون پوريون نٿو ڪري ۽ انهن کي حق کان محروم رکي ٿو).
— مولانا طاھر القادريوَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ 3ۭ
۽ محتاج کي کاڌو کارائڻ جي ترغيب نٿو ڏي (يعني معاشري مان غريبن ۽ محتاجن جي معاشري مان غريبن ۽ محتاجن جي معاشي استحصال جي خاتمي جي ڪوشش نٿو ڪري).
— مولانا طاھر القادريفَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ 4ۙ
پوءِ افسوس (۽ خرابي) آهي انهن نمازين جي لاءِ.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَ 5ۙ
جيڪي پنهنجي نماز (جي روح) کان بي خبر آهن (يعني انهن کي صرف حقوق الله ياد آهن حقوق العباد وساري ويٺا آهن).
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ هُمْ يُرَاۗءُوْنَ 6ۙ
اهي ماڻهو (عبادت ۾) ڏيکاءُ ڪن ٿا (ڇو ته اهي خالق جي رسمي عبادت بجا آڻين ٿا ۽ ڪمزور مخلوق جي پرواهه نٿا ڪن).
— مولانا طاھر القادريوَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ 7ۧ
۽ اهي استعمال ڪرڻ جي معمولي شيءِ به گهرڻ سان نٿا ڏين.
— مولانا طاھر القادري