104 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 9 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَيْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةِ 1ۙ
هر ان ماڻهو جي لاءِ بردباري آهي جيڪو (منهن تي) مهڻا ڏيندڙ آهي ۽ (پرپٺ) عيب ڪڍندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريۨالَّذِيْ جَمَعَ مَالًا وَّعَدَّدَهٗ 2ۙ
(خرابي ۽ بربادي آهي ان شخص جي لاءِ) جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي ڳڻي ڳڻي رکي ٿو.
— مولانا طاھر القادرييَحْسَبُ اَنَّ مَالَهٗ ٓ اَخْلَدَهٗ 3ۚ
هو اهو گمان ڪري ٿو ته سندس دولت ان کي هميشه زندهه رکندي.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا لَيُنْۢبَذَنَّ فِي الْحُطَمَةِ ڮ 4
هرگز نه! اهو ضرور حطمه (يعني پرزا پرزا ڪندڙ باهه) ۾ اڇلايو ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحُطَمَةُ 5ۭ
۽ توهان ڇا سمجهيو آهي ته حطمه (پرزا پرزا ڪندڙ باهه) ڇا آهي؟
— مولانا طاھر القادرينَارُ اللّٰهِ الْمُوْقَدَةُ 6ۙ
(هي) الله جي ڀڙڪايل باهه آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّتِيْ تَـطَّلِــعُ عَلَي الْاَفْــِٕدَةِ 7ۭ
جيڪا دلين تي (اذيت سان) چڙهي ويندي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهَا عَلَيْهِمْ مُّؤْصَدَةٌ 8ۙ
بيشڪ اها (باهه) انهن ماڻهن تي هر پاسي کان بند ڪئي ويندي.
— مولانا طاھر القادريفِيْ عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ 9ۧ
(ڀڙڪندڙ شعلن جي) ڊگهن ٿنبن ۾ (۽ انهن ماڻهن جي لاءِ ڪو به ڀڄڻ جو رستو نه رهندو).
— مولانا طاھر القادري