103 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالْعَصْرِ 1ۙ
زماني جو قسم (جنهن جي ڦير گهير انسان جي حالتن تي شاهد آهي). يا عصر نماز جو قسم (ته اها سڀني نمازن جو وچ آهي). يا عصر جي وقت جو قسم (جڏهن سڄو ڏينهن چمڪندڙ سج خود لهڻ جو منظر پيش ڪندو آهي). يا بعثت مصطفيٰ صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي زماني جو قسم (جيڪو تمام زمانن جو نچوڙ ۽ مقصود آهي).
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِيْ خُسْرٍ 2ۙ
بيشڪ انسان نقصان ۾ آهي (جو اهو عمر سڳوري وڃائي رهيو آهي).
— مولانا طاھر القادرياِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَوَاصَوْا بِالْـحَقِّ ڏ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ 3ۧ
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ۽ (معاشري ۾) هڪٻئي کي حق جي تاڪيد ڪندا رهيا (۽ حق جي تبليغ جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مصيبتن ۽ تڪليفن ۾) هڪٻئي کي صبر جي تاڪيد ڪندا رهيا.
— مولانا طاھر القادري