100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
(جهاد جي ميدان ۾) تيز ڊوڙندڙ گهوڙن جو قسم جيڪي هانڀارو هڻن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
پوءِ جيڪي پٿرن تي سنب هڻي چڻنگون ڪڍن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ جيڪي صبح ٿيندي ئي (دشمن تي) اوچتو حملو ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
پوءِ اهي ان (حملي واري) جاءِ تان دز ۽ مٽي اڏائن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ اهي انهيءَ وقت (دشمن جي) لشڪر ۾ گهڙي وڃن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
بيشڪ انسان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪرو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ بيشڪ اهو ان (ناشڪري) تي پاڻ شاهد آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ تمام سخت آهي.
— مولانا طاھر القادرياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
پوءِ ڇا ان کي خبر ناهي جڏهن اهي (مئل) اٿاريا ويندا جيڪي قبرن ۾ آهن؟
— مولانا طاھر القادريوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ (راز) ظاهر ڪيا ويندا جيڪي سينن ۾ آهن؟
— مولانا طاھر القادرياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ انهن جو رب ان ڏينهن انهن (جي عملن) کان خوب واقف هوندو.
— مولانا طاھر القادري