010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1
الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادرياَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2
ڇا هي ڳالهه ماڻهن جي لاءِ حيرت جهڙي آهي ته اسان انهن مان ئي هڪ مردِ (ڪامل) جي طرف وحي موڪليو ته توهان (ڀليل ڀٽڪيل) ماڻهن کي (الله جي عذاب) کان ڊيڄاريو ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌايو ته انهن جي لاءِ سندن رب جي بارگاهه ۾ بلند رتبو (يعني اُوچو مرتبو) آهي، ڪافر چوڻ لڳا: بيشڪ هي شخص ته پڌرو جادوگر آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3
يقيناً توهان جو رب الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين (جي مٿانهين ۽ هيٺاهين ڪائنات) کي ڇهه ڏينهن (يعني ڇهه مدتن يا مرحلن) ۾ (درجيوَار) پيدا فرمايو پوءِ اُهو عرش تي (پنهنجي شان مطابق پنهنجي اقتدار سان) جلوه افروز ٿيو (يعني ڪائنات پيدا ڪرڻ کانپوءِ ان جي تمام جهانن ۽ جسمن ۾ پنهنجي قانون ۽ نظام جاري ڪرڻ جي صورت ۾ متمڪن ٿيو) اُهوئي هر ڪم جي تدبير فرمائي ٿو. (يعني هر شيءِ کي هڪ نظام هيٺ هلائي ٿو ان جي حضور) سندس اجازت کانسواءِ ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ناهي، اُهوئي (عظمت ۽ قدرت وارو) الله توهان جو رب آهي، پوءِ توهان انهيءَ جي عبادت ڪريو، پوءِ ڇا توهان (نصيحت قبولڻ لاءِ) غور نٿا ڪريو؟
— مولانا طاھر القادرياِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4
(انسانؤ!) توهان سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي (هي) الله جو سچو وعدو آهي. بيشڪ اُهوئي پيدائش جي ابتدا ڪري ٿو پوءِ اُهوئي ان کي وري ورجائيندو ته جيئن انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انصاف سان بدلو ڏئي ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ پيئڻ جو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي، ان جو بدلو جيڪو اُهي ڪفر ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5
اُهوئي آهي جنهن سج کي روشني (جو سرچشمو) بڻايو ۽ چنڊ کي (ان مان) روشن (ڪيو) ۽ ان جي لاءِ (گهٽ وڌ ڏيکاءُ ڏيڻ جون) منزلون مقرر ڪيون ته جيئن توهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ (وقتن جو) حساب معلوم ڪري سگهو، ۽ الله اهو (سڀ ڪجهه) پيدا ناهي فرمايو مگر صحيح تدبير سان، اُهو (انهن ڪائناتي حقيقتن جي ذريعي پنهنجي خالق هجڻ، وحدانيت ۽ قدرت جون) نشانيون انهن ماڻهن جي لاءِ تفصيل سان کولي بيان فرمائي ٿو جيڪي علم رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ انهن (سڀني) شين ۾ جيڪي الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا فرمايون آهن (اهڙي طرح) انهن ماڻهن جي لاءِ نشانيون آهن جيڪي تقويٰ رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7ۙ
بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن ۽ دنيا جي زندگيءَ مان خوش آهن ۽ انهيءَ کان مطمئن ٿي ويا آهن ۽ جيڪي اسان جي نشانين کان غافل آهن.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8
انهن ئي ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي انهن عملن جي بدلي ۾ جيڪي اُهي ڪمائيندا رهيا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا انهن کي انهن جو رب سندن ايمان جي ڪري (جنتن تائين) پهچائيندو، جتي انهن (جي رهائشگاهن) جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون (هي ٺڪاڻا) آخرت جي نعمت جي باغن ۾ (هوندا).
— مولانا طاھر القادريدَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۧ١0
(نعمتن ۽ بهارن کي ڏسي) انهن (جنتن) ۾ سندن دعا (هي) هوندي ”اي الله! تون پاڪ آهين“ ۽ انهيءَ ۾ انهن جو پاڻ ۾ دعاءِ خير (جو ڪلمو) ”سلام“ هوندو (يا الله تعاليٰ ۽ ملائڪن جي طرفان انهن جي لاءِ استقبال جو ڪلمو ”سلام“ هوندو.) ۽ انهن جي دعا (هنن ڪلمن تي) ختم ٿيندي ته ”سڀئي تعريفون الله جي ئي لاءِ آهي جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي“.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن الله (انهن ڪافرن) کي برائي (يعني عذاب) پهچائڻ ۾ تڪڙ ڪري ها، جيئن اُهي نعمت گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا ته يقيناً انهن جي (عمر جو) مدو انهن جي حق ۾ (جلدي) پوري ڪيو وڃي ها (ته جيئن اُهي مري جلدي دوزخ ۾ پهچن)، بلڪه اسان اهڙن ماڻهن کي جيڪي اسان سان ملاقات جي اميد نٿا رکن سندن سرڪشي ۾ ڇڏي ٿا ڏيون ته اُهي ڀٽڪندا رهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 12
۽ جڏهن (اهڙي) انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اُهو اسان کي پنهنجي پاسي ڀر ليٽي يا ويٺي يا بيٺي پڪاري ٿو پوءِ جڏهن اسان کائنس سندس تڪليف پري ڪري ڇڏيون ٿا ته اُهو (اسان کي وساري ائين) هليو ٿو وڃي ڄڻ ان ڪنهن تڪليف ۾ جيڪا کيس پهتي هئي اسان کي (ڪڏهن) سڏيو ئي نه هو. اهڙي طرح حد کان لنگهڻ وارن جي لاءِ سندن (غلط) عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن جيڪي اُهي ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ 13
۽ بيشڪ اسان توهان کان اڳ ۾ (به گهڻين ئي) قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن انهن ظلم ڪيو، ۽ سندن رسول وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيا مگر اُهي ايمان آڻيندا ئي نه هئا، اهڙي طرح اسان ڏوهاري قوم کي (سندس عمل جي) سزا ڏيون ٿا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ اسان انهن کان بعد توهان کي زمين ۾ (انهن جو) جانشين بڻايو ته جيئن اسان ڏسون ته (هاڻي) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
۽ جڏهن انهن تي اسان جون روشن آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته اُهي ماڻهو جيڪي اسان سان ملاقات جي اميد نٿا رکن، چون ٿا ته هن (قرآن) کانسواءِ ڪو ٻيو قرآن کڻي اچو يا ان کي تبديل ڪريو، (اي نبي مڪرم!) فرمايو: مون کي حق ناهي ته آئون هن کي پنهنجي طرفان تبديل ڪريان آئون ته صرف جيڪو منهنجي طرف وحي ڪيو وڃي ٿو (ان جي) پيروي ڪريان ٿو، جيڪڏهن آئون پنهنجي رب جي نافرماني ڪريان ته بيشڪ آئون وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ 16
فرمايو: جيڪڏهن الله گهري ها ته نه ئي آئون ان (قرآن) کي توهان جي مٿان تلاوت ڪريان ها ۽ نه اُهو (پاڻ) توهان کي ان کان باخبر فرمائي ها، بيشڪ آئون هن (قرآن جي لهڻ) کان پهرين (به) توهان جي اندر عمر (جو هڪ حصو) گذاري چڪو آهيان، سو ڇا توهان عقل نٿا رکو.
— مولانا طاھر القادريفَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ 17
پوءِ ان ماڻهو کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان گهڙي يا ان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي. بيشڪ ڏوهاري ڇوٽڪارو نه لهندا.
— مولانا طاھر القادريوَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 18
۽ (مشرڪ) الله کانسواءِ انهن (بتن) کي پوڄين ٿا جيڪي نه انهن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا ۽ نه انهن کي نفعو پهچائي سگهن ٿا ۽ (پنهنجي ڪوڙي پوڄا جي جواز ۾) چون ٿا ته هي (بت) الله جي بارگاهه ۾ اسان جا سفارشي آهن، فرمايو: ڇا توهان الله کي انهيءَ (بتن جي شفاعت جي هٿ ٺوڪي) مفروضي کان آگاهه ڪري رهيا آهيو جنهن (جي وجود) کي اهو نه آسمانن ۾ ڄاڻي ٿو ۽ نه زمين ۾ (يعني ان جي بارگاهه ۾ ڪنهن بت جو سفارش ڪرڻ ان جي علم ۾ نه آهي). ان جي ذات پاڪ آهي ۽ هو انهن سڀني شين کان مٿانهون آهي جن کي هي (ان جو) شريڪ ٺاهن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ 19
۽ سڀ ماڻهو (شروع) ۾ هڪ ئي جماعت هئا پوءِ (پاڻ ۾ اختلاف ڪري) الڳ، الڳ ٿي ويا، ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جي طرفان هڪ ڳالهه پهريان کان طي نه ٿي چڪي هجي ها (ته عذاب ۾ تڪڙ نه ٿيندي) ته انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين بابت فيصلو ٿي چڪو هجي ها جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۧ20
۽ اُهي (هاڻي انهيءَ مهلت جي ڪري) چون ٿا ته هن (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي سندن رب جي طرفان ڪا (فيصله ڪن) نشاني ڇو نازل نه ڪئي ويئي، توهان فرمايو: غيب ته صرف الله جي ئي لاءِ آهي، سو توهان انتظار ڪريو آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان.
— مولانا طاھر القادري