عرفانُ القرآن

مُترجم: مولانا طاھر القادري

اردو ترجمو: ڊاڪٽر طاهرالقادري.
سنڌيڪار: عبدالواحد سمون
عبدالواحد ولد مولابخش سمون جو جنم 8 مارچ 1982 تي ڳوٺ ويراواه، تعلقي ننگرپارڪر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ ويراواه مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1999۾ هاء اسڪول ننگرپارڪر ضلع ٿرپارڪر مان پاس ڪيائون. جڏهن ته درس نظامي (عالم ڪورس) جا ابتدائي درجا ٿر جي نامياري عالم مولانا حاجي جلال الدين سنگراسي جي مدرسي "مدرسه غوثيه حقاني ڍاڪلو تعلقو ڇاڇرو" ۾ پڙهيا ۽ درس نظامي جي تڪميل ۽ ايم. اي عربي جي سند "جامعه نعيميه ايف. بي ايريا ڪراچي" مان 2004 ۾ حاصل ڪيائون. انهي کان علاوه پاڻ "ڪراچي يونيورسٽي" مان ايم. اي اسلامڪ اسٽيڊيز پڻ ڪئي اٿن. سندن لکيل ڪيترائي مضمون ۽ مقالا اردو ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن
پاڻ ماهوار صراط الهديٰ ڪراچي جا ايڊيٽر پڻ رهي چڪا آهن. سندن نمايان ڪارنامو عرفان القران جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو دور جديد جي عين تقاضن مطابق آهي. هن وقت پاڻ بطور هاء اسڪول ٽيچر ( HST) گورنمينٽ هاءِ اسڪول ويراواه تعلقه ننگرپارڪر ۾ تدريسي فرائض سرانجام ڏيئي رهيا آهن.