099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن ڌرتي ڏاڍي زور سان ڌوڏي ويندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ ڌرتي پنهنجي اندر وارا سمورا بار ٻاهر ڪڍي اڇلائيندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ انسان چوندو ته اهو ڇا ٿي رهيو اٿس؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
انهيءَ ڏينهن اها (ساڻس وهيل واپريل) حال احوال ڏيندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ڇو ته تنهنجي رب ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڏنو هوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
انهيءَ ڏينهن ماڻهو ڌار ڌار ٿي موٽندا، تانته سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جنهن ذرڙي جيتري به نيڪي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنهن ذرڙي جيتري به بــَـدي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي