096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي ساڻ جنهن پيدا ڪيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
رت جي دڳ مان انسان کي خلقيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙهه ۽ تنهنجو رب ڏاڍو سٻاجهو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنهن قلم وسيلي علم سيکاريو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
انسان کي اهو علم ڏنائين، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
ڪڏهن به نه، انسان بغاوت ٿو ڪري
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
ان ڪري جو هو پاڻ لاءِ ڀانئي ٿو ته کيس ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
(حالانڪه) موٽڻو ته بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن ئي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڇا تو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو روڪي ٿو،
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
هڪڙي ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اهو (ٻانهو) هدايت تي هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا پرهيزگاريءَ جي تلقين ڪندو هجي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن (اهو روڪڻ وارو شخص حق کي) ڪوڙو سڏيندو هجي ۽ منهن موڙيندو هجي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته الله ته ڏسي ٿو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
هرگز نه، جيڪڏهن هو باز نه آيو ته اسان سندس پيشانيءَ جي ڄــنڊن کان وٺي گــِــهلينداسونس
— سيد ابوالاعليٰ مودودينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
انهيءَ پيشانيءَ کي جيڪا ڪوڙي آهي، ڏوهي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ ڀل سڏي وٺي پنهنجي حمايتين جي ٽولي کي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
اسان به عذاب جي فرشتن کي سڏي وٺنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
ڪڏهن به نه، تون ان جي ڳالهه نه مڃ ۽ سجدو ڪر ۽ (پنهنجي رب جي) ويجهو ٿيءُ
— سيد ابوالاعليٰ مودودي