093 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالضُّحٰى 1ۙ
قسم آهي چــِـٽي ڏينهن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّيْلِ اِذَا سَـجٰى 2ۙ
۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها ماٺ سان ڇانئجي وڃي ٿي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلٰى 3ۭ
(اي نبي) تنهنجي رب توکي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي ۽ نه وري هو توکان ناراض ٿيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَلْاٰخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى 4ۭ
۽ بيشڪ تو لاءِ پوءِ وارو دور پهرئين دور کان ڀلو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى 5ۭ
۽ ستت ئي تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون خوش ٿي ويندين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيْمًـا فَاٰوٰى 6۠
ڇا هن توکي يتيم نه ڏٺو، پوءِ توکي ٿانيڪو ڪيائين؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَوَجَدَكَ ضَاۗلًّا فَهَدٰى 7۠
۽ توکي واٽ کان اڻ سونهون ڏٺائين، پوءِ توکي دڳ لاتائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَوَجَدَكَ عَاۗىِٕلًا فَاَغْنٰى 8ۭ
۽ توکي مسڪين ڏٺائين، پوءِ توکي هوند وارو ڪيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْهَرْ 9ۭ
پوءِ تون يتيم تي سختي نه ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْهَرْ ۭ10
۽ نڪي سوال ڪندڙ کي جهڻڪ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ ۧ11
۽ پنهنجي رب جي نعمت بيان ڪندو ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودودي