092 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 21 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالَّيْلِ اِذَا يَغْشٰى 1ۙ
قسم آهي رات جو، جڏهن اها ڇانئجي وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالنَّهَارِ اِذَا تَجَلّٰى 2ۙ
۽ ڏينهن جو، جڏهن اهو روشن ٿئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْاُنْثٰٓى 3ۙ
۽ انهيءَ هستيءَ جو، جنهن نر ۽ ماديءَ کي پيدا ڪيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتّٰى 4ۭ
حقيقت ۾ توهانجون ڪوششون جدا جدا ڍنگ جون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَمَّا مَنْ اَعْطٰى وَاتَّقٰى 5ۙ
ته پوءِ جنهن (الله جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ (الله جي نافرمانيءَ کان) پاڻ بچايائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَصَدَّقَ بِالْحُسْنٰى 6ۙ
۽ ڀلائيءَ کي سچ ڪري مڃيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْيُسْرٰى 7ۭ
ته ان کي اسان سهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) سؤلي ڪري ڏينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا مَنْۢ بَخِلَ وَاسْتَغْنٰى 8ۙ
۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ (پنهنجي رب کان) لاپرواهي ڏيکاري
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَذَّبَ بِالْحُسْنٰى 9ۙ
۽ ڀلائيءَ کي ڪوڙو سڏيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْعُسْرٰى ۭ10
تنهن کي اسان اهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) آسان ڪري ڏينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يُغْنِيْ عَنْهُ مَالُهٗ ٓ اِذَا تَرَدّٰى ۭ11
۽ سندس مال نيٺ ڪهڙي ڪم ايندس، جڏهن هو پاڻ ئي ناس ٿي وڃي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدٰى ڮ 12
بيشڪ رستو ڏَسڻ اسان تي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّ لَنَا لَـلْاٰخِرَةَ وَالْاُوْلٰى 13
۽ اها به حقيقت آهي ته آخرت توڙي دنيا ٻنهي جا مالڪ اسان ئي آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰى ۚ14
پوءِ مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يَصْلٰىهَآ اِلَّا الْاَشْقَى ۙ15
جنهن ۾ سواءِ نهايت بدبخت شخص جي ٻيو ڪوبه نه سڙندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ16
جنهن ڪوڙو سڏيو ۽ منهن موڙيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَسَيُجَنَّبُهَا الْاَتْقَى ۙ17
۽ انهيءَ کان پري رکيو ويندو اهو نهايت پرهيزگار ماڻهو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ يُؤْتِيْ مَالَهٗ يَتَزَكّٰى ۚ18
جيڪو پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال ڏئي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰٓى ۙ19
ان تي ڪنهن جو به ڪو ٿورو ڪونهي، جو ان جو ڪو بدلو ڏيڻو هجيس
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا ابْتِغَاۗءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰى ۚ20
هو ته رڳو پنهنجي سڀ کان مٿانهين رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ائين ڪري ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي