009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
بيزار ٿي وڃڻ جو اعلان آهي، الله ۽ سندس رسول جي طرفان انهن مشرڪن کان جن سان توهان معاهدا ڪيا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
توهان ملڪ ۾ باقي چار مهينا گهمي گهتي وٺو ۽ اها خبر هجيوَ ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اها به ته الله حق جي منڪرن کي خوار خراب ڪرڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
عام اطلاع آهي، الله ۽ سندس رسول جي پاران حج اڪبر جي ڏينهن، سڀني ماڻهن لاءِ ته الله تي مشرڪن جو ڪوبه ذمو ڪونهي ۽ سندس رسول به (ذمي کان آجو آهي) پوءِ هاڻي جي توبــھ ڪندؤ ته توهان لاءِ ئي چڱو آهي ۽ جي منهن موڙيندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اي نبي ! انڪار ڪندڙن کي سخت عذاب جي خوشخبري ڏي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
انهن مشرڪن کي ڇڏي جن سان توهان معاهدا ڪيا آهن ۽ پوءِ انهن پنهنجن عهدن کي پورو ڪرڻ ۾ توهان سان ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي ۽ نڪي توهان جي خلاف ڪنهن جي ڪا مدد ڪئي اٿن ته پوءِ اهڙن سان توهان به معاهدي جي مدت تائين نڀائجو، ڇو ته الله پرهيزگارن کي ئي پسند ڪندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن حرام (عزت وارا) مهينا گذري وڃن ته مشرڪن کي قتل ڪريو، جتي به لهونِ ۽ کين پڪڙيو ۽ سندن گهيرو ڪريو ۽ کين سيکت ڏيڻ لاءِ هرهنڌ سندن گهٽَ جهلي ويهو، پوءِ جيڪڏهن توبــھ تائب ٿين ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ته ڇڏي ڏيونِ، الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو شخص پناهه وٺي تو وٽ اچڻ گهري (ته جيئن الله جو ڪلام ٻڌي) ته انکي ايستائين پناهه ڏي جو هو الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس سندس سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچائي ڇڏ. اهو انڪري ڪرڻ گهرجي، جو انهن ماڻهن کي علم ڪونهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
انهن مشرڪن لاءِ الله ۽ سندس رسول وٽ ڪو عهد اقرار آخر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ باقي انهن جي ڳالهه ٻي آهي جن سان توهان مسجد حرام (ڪعبي) وٽ معاهدو ڪيو هو. پوءِ جيستائين هو توهان سان سڌا هلن ته توهان به سڌا هلونِ، ڇو ته الله پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
مگر انهن کان سواءِ ٻين مشرڪن سان ڪو عهد اقرار ڪيئن ٿي ٿو سگهي، جڏهن ته سندن حالت اها آهي، جو جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي وڃن ته توهانجي باري ۾ نه ڪنهن مٽي مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ۽ نڪي ڪنهن معاهدي جي ذميواريءَ جو. هو پنهنجي زبانن سان توهانکي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر سندن دليون انڪار ڪن ٿيون، انهن مان گهڻا نافرمان آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
انهن الله جي آيتن جي عيوض ٿورو ملهه قبول ڪيو آهي، پوءِ الله جي رستي ۾ روڪ بڻجي ويا آهن. ڏاڍا بڇڙا ڪم هئا، جيڪي ڪندا رهيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
ڪنهن به مؤمن جي باري ۾ نڪي مٽي مائٽيءَ جو ٿا لحاظ ڪن ۽ نه ڪنهن عهد جي ذميواريءَ جو ۽ ڏاڍائي هميشه سندن طرفان پئي ٿي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
پوءِ جيڪڏهن توبه تائب ٿين، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته توهانجا ديني ڀائر آهن ۽ ڄاڻ وارن لاءِ اسان پنهنجا حڪم چٽيءَ ريت بيان ٿا ڪري ڇڏيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن عهد ڪرڻ کان پوءِ اهي پنهنجا قسم ڀڃي وجهن ۽ توهانجي دين تي حملا ڪرڻ لڳن ته ڪفر جي اڳواڻن سان جنگ ڪريو، ڇو جو انهن جي قسمن تي ڪوبه اعتبار ڪونهي ته مــَـنَ (ائين ڪو تلوار جي ئي زور تي) مڙي وڃن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ، جيڪي پنهنجا ڪيل عهد ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ جن رسول کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا به اهي ئي هئا؟ ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته الله ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان ان کان ئي ڊڄو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
انهن سان وڙهو، الله توهان جي هٿان کين سزا ڏياريندو ۽ کين ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ انهن جي مقابلي ۾ توهانجي مدد ڪندو ۽ گهڻن ئي مؤمنن جون دليون ٺاريندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
۽ سندن دلين جي ڪاوڙ ٺاري ڇڏيندو ۽ جنهن کي گهرندو توبه تائب ٿيڻ جي توفيق به ڏيندو. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته بس توهان ائين ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ، حالانڪه الله ته اڃان اهو پرکيو ئي نه آهي ته توهان مان اهي ڪهڙا آهن جن (سندس راهه ۾) پاڻ پتوڙيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به جگري دوست نه بڻايائون، جيڪي به توهان ڪريو پيا، الله ان کان باخبر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
مشرڪن جو اهو ڪم ئي نه آهي ته هو الله جي مسجدن جا مجاور ۽ خدمتگار بڻجي ويهن، حالانڪه هو پاڻ ئي ٿا پنهنجي مٿان ڪفر جي شاهدي ڏين، انهن جا ته سمورا عمل چٽ ٿي ويا ۽ جهنم ۾ هنن کي هميشه رهڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
الله جون مسجدون آباد ڪندڙ اهي ماڻهو ٿي سگهن ٿا، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا هجن ۽ نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ الله کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄن، انهن کان ئي اميد آهي ته سڌي راهه تي هلندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا توهان ماڻهن حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) جي مجاوري ڪرڻ کي انهيءَ شخص جي ڪم جي برابر ڪيو آهي، جنهن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جنهن جهاد ڪيو الله جي راهه ۾؟ الله جي نظر ۾ ته اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ الله ظالمن کي هدايت نه بخشيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
الله وٽ ته انهن ئي ماڻهن جو وڏو درجو آهي، جن ايمان آندو ۽ جن سندس راهه ۾ گهرگهاٽ ڇڏيا ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو. اهي ئي ڪامياب آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي