087 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى 1ۙ
(اي نبي) پنهنجي سڀ کان مٿانهين رب جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى ۽ 2
جنهن پيدا ڪيو ۽ پوءِ سنئين لڱين ڪيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى ۽ 3
جنهن تقدير بڻائي، پوءِ واٽ ڏسيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى ۽ 4
جنهن ساوڪ اُپائي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَجَعَلَهٗ غُثَاۗءً اَحْوٰى 5ۭ
پوءِ ان کي ڪاراٽيل (ڪـِـن ڪــَـچرو) ڪري ڇڏيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰٓى 6ۙ
اسان توکي پڙهائينداسون، پوءِ تون نه وساريندين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا مَا شَاۗءَ اللّٰهُ ۭ اِنَّهٗ يَعْلَمُ الْجَـهْرَ وَمَا يَخْفٰى 7ۭ
سواءِ ان جي جيڪو الله گهري. هو ظاهر ٿيل کي به ڄاڻي ٿو ته جيڪو لڪل آهي ان کي به
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرٰى ښ 8
۽ اسان سهنجائيءَ واري واٽ توکي سؤلي ٿا ڪري ڏيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى 9ۭ
پوءِ تون نصيحت ڪر، جيڪڏهن نصيحت ڪو فائدو ڏيندي هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَيَذَّكَّرُ مَنْ يَّخْشٰى ۙ10
نصيحت اهو وٺندو جيڪو ڊڄندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَتَجَنَّبُهَا الْاَشْقَى ۙ11
۽ ان کان اهو لنوائيندو، جيڪو وڏو نڀاڳو هوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرٰى ۚ12
جيڪو تمام وڏيءَ باهه ۾ پوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْهَا وَلَا يَحْيٰي ۭ13
پوءِ ان ۾ هو نه مرندو نه جيئندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ14
بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو، جنهن پاڪائي اختيار ڪئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰى ۭ15
۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪيائين، پوءِ نماز پڙهيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا ڮ 16
پر توهان ماڻهو دنيا جي زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهو ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْاٰخِرَةُ خَيْرٌ وَّاَبْقٰى ۭ17
حالانڪه آخرت وڌيڪ ڀلي آهي ۽ باقي رهڻ واري آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى ۙ18
اهائي ڳالهه آڳاٽن صحيفن (پاڪ ڪتابن) ۾ به ڄاڻائي وئي هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديصُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى ۧ19
ابراهيم ۽ موسيٰ جي صحيفن ۾
— سيد ابوالاعليٰ مودودي