082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ ستارا ڇڻي ڪـِـري پوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏهن سمنڊ چيريا ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
تڏهن هر شخص کي سندس اڳيون پويون سڀ ڪيو معلوم ٿي ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان، توکي ڪهڙيءَ شيءِ انهيءَ مهربان رب جي باري ۾ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن توکي خلقيو، پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين ۽ تنهنجي بناوٽ ۾ برابري رکيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
۽ جنهن به شڪل ۾ چاهيائين، توکي جوڙي راس ڪيائين؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
ڪڏهن به نه، پر (اصل ڳالهه اها آهي ته) توهان حساب ڪتاب کي ڪوڙو ٿا ڀانيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
جڏهن ته توهان تي نگهبان مقرر ڪيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
اهڙا مانوارا لکندڙ
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
جيڪي توهان جي هر ڪم کي ڄاڻن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ نيڪ ماڻهو مزن ۾ هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ پوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
حساب ڪتاب جي ڏينهن ان ۾ پوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ پوءِ ان مان غير حاضر ٿي نه سگهندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ توکي ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
هائو، توکي ڀلا ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
اِهو ته اُهو ڏينهن آهي، جڏهن ڪوبه ڪنهن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو ۽ فيصلو انهيءَ ڏينهن بلڪل الله جي هٿ ۾ هوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي