079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
قسم آهي انهن (ملائڪن) جو جيڪي سختيءَ سان ڇڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
۽ هوريان ڪڍي وٺن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ (انهن فرشتن جو جيڪي ڪائنات ۾) تڪڙو تڪڙو ترندا وتن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ (حڪم بجا آڻڻ ۾) هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ (الله جي حڪمن مطابق) معاملا هلائن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
جنهن ڏينهن ڌوڏي ڇڏيندو اهو لوڏو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
۽ ان جي پويان وري هڪ ٻيو لوڏو ايندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ڪي دليون انهيءَ ڏينهن ڊپ وچان ڏڪي رهيون هونديون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
سندن نظرون هيٺ جهڪيل هونديون
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
هي چون ٿا ته "ڇا اسان وري پوئين حالت ڏانهن موٽائي آندا وينداسون؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
ڇا جڏهن اسان ڀـُـتا ۽ ڳريل هڏا ٿي چڪا هونداسون؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چوڻ لڳا: "اهو موٽڻ ته پوءِ وڏي نقصان وارو هوندو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
جڏهن ته اها رڳو هڪڙي وڏي زور واري هڪل ٿيندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
۽ پوءِ هڪدم اهي سڀئي کلي ميدان ۾ هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
(اي نبي) ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر پهتي آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن سندس رب کيس طويٰ جي پاڪ واديءَ ۾ سڏي چيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته "فرعون ڏي وڃ، هو ڏاڍو باغي ٿي ويو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
۽ چويس ته ڇا تون ان لاءِ تيار آهين جو پاڪائي اختيار ڪرين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ مان توکي تنهنجي رب ڏانهن واٽ ڏسيان ته تون (کانئس) ڊڄڻ لڳين؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ موسيٰ (فرعون وٽ وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاري
— سيد ابوالاعليٰ مودودي