077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ساندهه موڪليون وڃن ٿيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
۽ پوءِ طوفان جي نموني ڏاڍي زور سان لڳن ٿيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
۽ (ڪڪرن کي) کڻي پکيڙن ٿيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
وري (انهن کي) هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪري ٿيون ڇڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
پوءِ (دلين ۾ الله جي) ياد ٿيون وجهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
عذر جي طور يا ڊيڄارڻ خاطر
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
جنهن ڳالهه (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي سا ضرور ٿيڻي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِ جڏهن تارا وِسايا ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
۽ آسمان ڏاريو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
۽ جبل دَز وانگر اُڏاريا ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
۽ رسولن جي حاضر ٿيڻ جو وقت ٿي ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
(انهيءَ ڏينهن اها شيءِ ٿيڻي آهي) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ اهو ڪم پوئتي رکيو ويو آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
فيصلي واري ڏينهن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينهن ڇا ٿيندو آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا اسان اڳين کي برباد نه ڪيو هو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
پوءِ وري سندن ئي پٺيان پوين کي به روانو ڪنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
ڏوهارين سان ته اسان ائين ئي ڪندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
پوءِ انهيءَ ڏينهن تباهي آهي ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا اسان توهان کي هڪڙي خسيس پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودي