075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
نه، مان قسم کڻان ٿو قيامت جي ڏينهن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ نه، مان قسم کڻان ٿو ملامت ڪندڙ نفس جو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڀلا انسان ائين ٿو سمجهي ڇا ته اسان سندس هڏن کي ميڙي گڏ ڪري نه سگهنداسون؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
ڇونه؟ اسان کي ته سندس آڱرين جا ســَـنـڌ به ٺيڪ نموني ٺاهي بيهارڻ جي طاقت آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
پر انسان گهري اهو ٿو ته اڳتي به بڇڙا ڪم ڪندو رهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
پڇي ٿو ته "ڪڏهن ٿو اچي اهو قيامت جو ڏينهن؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽي وينديون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ چنڊ بي نور ٿي ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سج ۽ چنڊ پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيا ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان وقت اهوئي انسان چوندو ته "ڪيڏانهن ڀڄان؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
ڪڏهن به نه، اتي ڪابه پناهه جي جاءِ نه هوندي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
انهيءَ ڏينهن ته تنهنجي رب جي آڏو ئي وڃي بيهڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
ان ڏينهن انسان کي سندس سڀ اڳيون پويون ڪيو ڄاڻايو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
پر انسان ته پنهنجو پاڻ کي خوب ڄاڻي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
کڻي هو ڪيترائي عذر پيش ڪري
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
اي نبي! انهيءَ وحيءَ کي جلدي ياد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ زبان کي نه چورِ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
ان کي ياد ڪرائڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
سو جڏهن اسان ان کي پڙهي رهيا هجون ته تون ان جي پڙهجڻ کي ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهه
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
پوءِ ان جو مطلب سمجهائڻ به اسان تي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
هرگز نه، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان جلدي ملڻ واري شيءِ (دنيا) سان محبت ڪريو ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودي