073 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
يٰٓاَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ 1ۙ
اي ويڙهجي سيڙهجي سمهڻ وارا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُمِ الَّيْلَ اِلَّا قَلِيْلًا 2ۙ
رات جو نماز ۾ بيهندو ڪر، سواءِ ڪنهن ٿوري وقت جي
— سيد ابوالاعليٰ مودودينِّصْفَهٗ ٓ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِيْلًا 3ۙ
رات جو اڌ يا ان مان ڪجهه گهٽ ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا 4ۭ
يا ان ۾ ڪجهه وڌاءِ ۽ قرآن کي خوب ٺاهي ٺاهي پڙهه
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا سَنُلْقِيْ عَلَيْكَ قَوْلًا ثَـقِيْلًا 5
اسان توتي ڏاڍو ڳرو ڪلام نازل ڪرڻ وارا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ نَاشِئَةَ الَّيْلِ هِيَ اَشَدُّ وَطْـاً وَّاَقْوَمُ قِيْلًا 6ۭ
حقيقت اها آهي ته رات جو اٿڻ نفس تي ضابطو رکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي ۽ قرآن سنئينءَ طرح پڙهڻ لاءِ به ڏاڍو مناسب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ لَكَ فِي النَّهَارِ سَبْحًا طَوِيْلًا 7ۭ
ڏينهن جو ته تو لاءِ گهڻا ڪم ڪاريون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ اِلَيْهِ تَبْتِيْلًا 8ۭ
پنهنجي رب جو نالو ياد ڪندو ڪر ۽ سڀني کان پاسيرو ٿي ان جو ئي ٿي وڃ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيْلًا 9
هو اوڀر توڙي اولهه جو رب آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪارساز بڻاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيْلًا 10
۽ جيڪي ڳالهيون ماڻهو ڪن ٿا تن تي صبر ڪر ۽ کانئن سهڻي نموني ۾ ڌار ٿي وڃ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَذَرْنِيْ وَالْمُكَذِّبِيْنَ اُولِي النَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيْلًا 11
۽ انهن ڪوڙو سڏيندڙ آسودن ماڻهن سان نبرڻ جو ڪم تون مون تي ڇڏي ڏي ۽ انهن کي ٿوري وقت لاءِ انهيءَ حالت تي ڇڏي ڏي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ لَدَيْنَآ اَنْكَالًا وَّجَحِــيْمًا ۙ12
بيشڪ اسان وٽ (انهن لاءِ) ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّعَذَابًا اَلِـــيْمًا ۤ13
۽ نـڙيءَ ۾ اٽڪندڙ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ وَكَانَتِ الْجِبَالُ كَثِيْبًا مَّهِيْلًا 14
اهو انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن زمين ۽ جبل ڌڏڻ لڳندا ۽ جبل ائين ٿي ويندا جو ڄڻ ته واريءَ جا ڍير آهن، جيڪي کنڊري رهيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّآ اَرْسَلْنَآ اِلَيْكُمْ رَسُوْلًا ڏ شَاهِدًا عَلَيْكُمْ كَـمَآ اَرْسَلْنَآ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًا ۭ15
توهان ڏي اسان ائين هڪڙو رسول توهان تي شاهد ڪري موڪليو آهي، جيئن اسان فرعون ڏي هڪڙو رسول موڪليو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِيْلًا 16
پوءِ (ڏسو جڏهن) فرعون انهيءَ رسول جي ڳالهه نه مڃي ته اسان کيس سختيءَ سان پڪڙيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَكَيْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِيْبَا ڰ 17
جيڪڏهن توهان مڃڻ کان انڪار ڪندؤ ته انهيءَ ڏينهن ڪيئن بچي ويندؤ، جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪري ڇڏيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديۨالسَّمَاۗءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ ۭ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا 18
۽ جنهن جي سختيءَ کان آسمان پيو ڦاٽندو هوندو؟ الله جو وعدو ته پورو ٿي رهڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ ۚ فَـمَنْ شَاۗءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِيْلًا ۧ19
هيءَ هڪڙي نصيحت آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته پنهنجي رب ڏانهن هلڻ واري واٽ وٺي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُـثَيِ الَّيْلِ وَنِصْفَهٗ وَثُلُثَهٗ وَطَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِيْنَ مَعَكَ ۭ وَاللّٰهُ يُقَدِّرُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۭ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ ۭ عَلِمَ اَنْ سَيَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى ۙ وَاٰخَرُوْنَ يَضْرِبُوْنَ فِي الْاَرْضِ يَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ ۙ وَاٰخَرُوْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ڮ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۙ وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا ۭ وَمَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَيْرًا وَّاَعْظَمَ اَجْرًا ۭ وَاسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
اي نبي! تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته تون ڪڏهن رات جا ذري گهٽ ٻه ڀاڱي ٽي حصا، ڪڏهن رات جو اڌ ۽ ڪڏهن ان جي ٽهائي عبادت ۾ بيٺو هوندو آهين ۽ تنهنجي ساٿين مان به هڪڙو ٽولو ائين ڪندو آهي. الله ئي رات ۽ ڏينهن جي وقتن جو حساب ٿو رکي. ان کي معلوم آهي ته توهان وقتن جو صحيح حساب نٿا لڳائي سگهو، تنهنڪري هن توهان تي ٻاجهه ڪئي. پوءِ جيترو قرآن سولائيءَ سان پڙهي سگهو ٿا پڙهو. هن کي ته معلوم آهي ته توهان مان ڪي بيمار هوندا، ڪي وري الله جي فضل (روزگار) جي ڳولا ۾ سفر ڪن ٿا ۽ ڪي وري الله جي راهه ۾ لڙن ٿا، تنهنڪري جيترو قرآن سؤلائيءَ سان پڙهي سگهو پڙهندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو، زڪواة ڏيو ۽ الله کي سهڻو قرض ڏيندا رهو. جيڪا به ڀلائي توهان پنهنجي لاءِ اڳتي اماڻيندؤ سا الله وٽ موجود ڏسندؤ، اهوئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ سندس اجر تمام وڏو آهي. الله کان بخشش گهرندا رهو، بيشڪ الله ڏاڍو بخشڻهار ٻاجهارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي