072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
اي نبي! چئه ته مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ته جنن جي هڪڙي ٽولي ڌيان ڏئي (قرآن) ٻڌو، پوءِ (وڃي پنهنجيءَ قوم وارن کي) چيائون ته "اسان هڪڙو ڏاڍو عجيب قرآن ٻڌو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو سڌي واٽ ڏَسي ٿو، پوءِ اسان ان تي ايمان آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسان پنهنجي رب سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ اهو به (چيائون) ته "اسان جي رب جو شان تمام مٿانهون آهي، هن ڪنهن کي به زال يا پٽ نه بڻايو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ اهو به ته "اسان جا نادان شخص الله جي باري ۾ بي بنياد ڳالهيون ڪندا رهيا آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ اهو به ته "اسان سمجهيو هو ته انسان ۽ جن الله جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائي ئي نٿا سگهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ اهو به (چيائون) ته "انسانن مان ڪي ماڻهو جنن مان ڪن فردن جي پناهه وٺندا هئا ۽ ائين هنن جنن جي وڏائيءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ اهو به ته "انسانن به ائين ئي گمان ڪيو، جيئن توهان گمان ڪيو ته الله ڪنهن کي به رسول ڪري نه موڪليندو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اهو به (چيائون) ته "اسان آسمان کي هٿ لاتوسون ته ڏٺوسون ته اهو چوڪيدارن سان ڀريو پيو آهي ۽ پڇڙتارن جو وسڪارو لڳو پيو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ اهو به (چيائون) ته "اڳي اسان کي ڪَنائڻ لاءِ آسمان ۾ ويهڻ جون جايون ملي وينديون هيون پر هاڻي جيڪو به ڪَن ڏيڻ جي ڪري ٿو ته ڏسي ٿو ته ٻرندڙ (پڇڙتارو) گهٽُ جهليو ويٺو اٿس"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ اهو به (چيائون) ته "اسان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته الائي زمين وارن سان ڪو خراب سلوڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن رب کين سڌي واٽ وٺائڻ ٿو چاهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ اهو به (چيائون) ته "اسان منجهان ڪي تمام نيڪ آهن ته وري ڪي ان کان سواءِ ٻيا، اسان جا طريقا به هڪ ٻئي کان الڳ الڳ قسم جا آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ اهو به ته "اسان سمجهندا هئاسون ته نڪي زمين ۾ اسان الله کان زور پوڻ وارا آهيون ۽ نه ڀڄي کانئس زور پئجي وينداسون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ اهو پڻ ته "اسان جڏهن هدايت واري تعليم ٻڌي ته ان تي ايمان آڻي ڇڏيوسون، هاڻي جيڪو به پنهنجي رب تي ايمان آڻيندو، تنهن کي ڪنهن به ڪس لڳڻ يا ظلم ٿيڻ جو ڪوبه ڀؤ ڀولو ڪونهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اهو به جنن ٻڌايو ته "اسان مان ڪي مسلمان (فرمانبرداري ڪندڙ) آهن ته ڪي وري حق کان ڦريل، ته پوءِ جن اسلام (فرمانبرداريءَ وارو رستو) اختيار ڪيو، انهن ئي ڇوٽڪاري واري واٽ ڳولي لڌي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ جيڪي حق کان ڦريل آهن، سي جهنم جو ٻارڻ بنجڻ وارا آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ (اي نبي ٻڌائين ته) مون تي اها ڳالهه به وحي ڪئي ويئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهو سڌي رستي تي پختا بيهن ها ته اسان کين تمام جهجهي پاڻيءَ سان ڍائي ڇڏيون ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته جيئن انهيءَ نعمت سان کين آزمايون ۽ جيڪو پنهنجي رب جي ذڪر کان منهن موڙيندو ته سندس رب کيس سخت عذاب ۾ وجهندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ اها ڳالهه (به وحي ڪئي وئي آهي) ته مسجدون الله جون آهن، تنهنڪري انهن ۾ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به نه سڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ اهو (به وحي ڪيو ويو آهي) ته جڏهن الله جو ٻانهو کيس سڏڻ لاءِ اٿيو ته ماڻهو مٿس ڪاهه ڪرڻ لاءِ سنڀري بيٺا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
اي نبي! چوين ته مان ته پنهنجي رب کي ئي پڪاريان ٿو ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان
— سيد ابوالاعليٰ مودودي