070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
گهرندڙ عذاب گهريو آهي، جيڪو ضرور واقع ٿيڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
ڪافرن لاءِ آهي، جنهن کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
انهيءَ الله وٽان جيڪو مٿي چڙهڻ وارين ڏاڪڻين (مٿاهن درجن) جو مالڪ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
ملائڪ ۽ روح ڏانهس چڙهي ويندا آهن، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو اندازو پنجاهه هزار سال آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
تنهن ڪري اي نبي تون صبر ڪر، سهڻو صبر
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
اهي ماڻهو ان کي پري سمجهن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون پيا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
(اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن آسمان رجيل چانديءَ وانگر بڻجي ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿي ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
۽ ڪوبه گهاٽو دوست پنهنجي گهاٽي دوست کان ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
توڻي جو هڪ ٻئي کي ڏيکاريا ويندا. ڏوهاري چاهيندو ته ان ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوض ۾ ڏئي ڇڏي پنهنجو اولاد
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
پنهنجي زال، پنهنجو ڀاءُ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
پنهنجو ويجهي ۾ ويجهو ڪٽنب جنهن پئي کيس اجهو ڏنو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ زمين جي تختي (تي رهڻ) وارا سمورا ماڻهو به، جيڪڏهن اها ڳالهه سندس جند ڇڏائي سگهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
ڪڏهن به نه، اهو ته باهه جو ڀـڀڙ هوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودينَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
جيڪو ماس ۽ چمڙيءَ کي چٽ ڪري ڇڏيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
واڪا ڪري پاڻ ڏي سڏيندو، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو حق کي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ مال گڏ ڪري پوءِ ان کي سانڍي رکيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
انسان جلدي حوصلو هاري ويهندڙ (بي همت) پيدا ڪيو ويو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
جڏهن مٿس ڪا مصيبت اچي ٿي ته گهٻرائجي وڃي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي