007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗمّۗصۗ 1ۚ
ﶍ (الف ـ لام ـ ميم ـ صاد)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
هي هڪڙو ڪتاب آهي، جيڪو توڏانهن نازل ڪيو ويو آهي. سو اي نبي! تنهنجي دل ۾ ان جي ڪري ڪابه تنگي نه ٿيڻ کپي. اهو ته ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته تون ان جي ذريعي (منڪرن کي) ڊيڄارين ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ٿئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
انسانؤ! جيڪي توهان جي رب طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان تي هلو ۽ پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سهارن جي ڪڍ نه لڳو، پر توهان نصيحت ٿورو ئي وٺندا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
ڪيتريون ئي آباديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو. مٿن اسان جو عذاب رات جي وڳڙي ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو يا وري ڏينهن ڏٺي جو اوڏي مهل آيو، جڏهن هو آرام ڪري رهيا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
۽ جڏهن اسان جو عذاب مٿن اچي پيو ته ان کانسواءِ ٻي ڪا وائي سندن وات نه هئي ته "بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ ائين ته ضرور ٿيندو جو اسان انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪنداسون، جن ڏانهن اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇنداسين (ته انهن پنهنجو پيغام پهچائڻ وارو ڪم ڪيتريقدر سرانجام ڏنو ۽ کين ڪهڙو جواب مليو)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ اسان پاڻ پوريءَ ڄاڻ سان سڀ ڪجهه ٿيل کين بيان ڪري ٻڌائينداسين. آخر اسان ڪٿي غائب ته نه هئاسين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ وزن انهيءَ ڏينهن بلڪل اصل حق هوندو، پوءِ جن جا پــُـڙ ڳورا ٿيندا، اهي ئي هوندا ڪاميابي لهڻ وارا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جن جا پــُـڙ ٿيندا هلڪا سي ئي ته هوندا اهي جن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو هو، ڇو جو اهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
اسان توهان کي زمين ۾ بااختيار بڻائي رهايو ۽ توهان لاءِ منجهس زندگي گذارڻ جو سامان مهيا ڪيو پر توهان ٿوروئي شڪر ادا ڪريو ٿا!
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
اسان توهان کي خلقڻ جي شروعات ڪئي، پوءِ توهان کي شڪل صورت ڏني سون، پوءِ ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو. حڪم ٻڌي سڀني سجدو ڪيو، پر ابليس سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
(تنهن تي الله، ابليس کي) چيو ته، "توکي ڪهڙيءَ ڳالهه سجدي ڪرڻ کان جهليو، جڏهن جو مون توکي حڪم ڏنو هو؟" چيائين، "مان انهيءَ کان ڀلو آهيان، تو مونکي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هــُـن کي مٽيءَ مان"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
فرمايائين، "چڱو لهه هتان، ڪهڙو حق اٿيئي جو هتي ويهي وڏائي ٿو ڪرين. نڪري وڃ. حقيقت ۾ تون ته انهن مان آهين جيڪي ذلت گهري وٺندا آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
چيائين، "مونکي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جڏهن اهي سڀئي وري ٻيهر اٿاريا ويندا"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
فرمايائين: "توکي مهلت آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چيائين: "چڱو پوءِ جيئن تو مونکي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي، تيئن مان به هاڻي سڌي راهه تي گــَـهٽُ جهلي ويهندس
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
۽ انسانن کي اڳيان، پٺيان، ساڄي کان، کاٻي کان هر طرف کان ورائي ويندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه لهندين"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
فرمايائين: "نڪر هتان ذليل ۽ تڙيل ٿي! پڪ ڄاڻ ته انهن مان جيڪي تنهنجي ڪڍ لڳا تو سميت تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال ٻئي انهيءَ جنت ۾ رهو، جتان وڻيوَ سو کائو پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو، نه ته ظالمن منجهان ٿي پوندؤ"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان کين برغلايو ته جيئن سندن اوگهڙيون جيڪي کانئن هڪ ٻئي کان لڪايون ويون هيون، سي سندن آڏو کولي ظاهر ڪري. هن کين چيو: "توهان جي رب جو توهان کي هن وڻ کان روڪيو آهي، سو رڳو هن ڪري ته متان توهان ملائڪ بڻجي وڃو يا توهان کي هميشه رهڻ واري حياتي ملي وڃي"
— سيد ابوالاعليٰ مودودي