069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
ٿيڻي ئي ٿيڻي (قيامت)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
ڇا آهي اها ٿيڻي ئي ٿيڻي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ٿيڻي ئي ٿيڻي ڇا آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمود ۽ عاد انهيءَ اوچتو اچي پوڻ واري آفت کي ڪوڙ ڀانيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
ته ثمود (جي قوم وارا) هڪڙيءَ سخت آفت (قيامت) وسيلي تباهه ڪيا ويا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ عاد هڪڙيءَ زبردست طوفاني هوا سان تباهه ڪيا ويا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جيڪا الله مٿن ساندهه ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن مڙهي ڇڏي هئي (تون اتي هجين ها ته) ڏسين ها ته هو اتي ائين ســَـٽيا پيا هئا، جو ڄڻڪ کجيءَ جا ڀــُـتا ٿــڙ آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
ڇا توکي انهن منجهان ڪو باقي بچيل نظر اچي ٿو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ اهڙو ئي وڏو گناهه فرعون ۽ کانئس اڳ ٿي گذريل ماڻهن ۽ اونڌو ٿيندڙ ڳوٺن به ڪيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
انهن سڀني پنهنجي رب جي رسول جي ڳالهه نه مڃي ته هن ڏاڍو سخت جڪڙي ڇڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
جڏهن ٻوڏ وارو پاڻي حد کان ٽپي ويو ته اسان توهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيوسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
تانته انهيءَ واقعي کي توهان لاءِ نصيحت جو نشان بڻائي ڇڏيون ۽ ياد رکڻ وارا ڪــَـنَ ان کي ياد ڪري ڇڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو صور ۾ ڦوڪيو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ جبلن کي مٿي کڻي هڪ ئي ڌڪ سان ذرا ذرا ڪيو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
ته انهيءَ ڏينهن اهو ٿيڻ وارو (واقعو) پيش ايندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
انهيءَ ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ان جا ٻنڌڻ ڍلا ٿي پوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ ان جي پاسن کان هوندا ۽ اٺ فرشتا انهيءَ ڏينهن تنهنجي رب جو عرش پنهنجي مٿان کنيو بيٺا هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
انهيءَ ڏينهن توهان پيش ڪيا ويندؤ ۽ توهان جو ڪوبه راز لڪل نه رهندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ انهيءَ وقت جنهن کي سندس اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اهو چوندو ته "ڏسو، پڙهو منهنجو اعمالنامو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مان سمجهندو هوس ته مونکي ضرور پنهنجو حساب ڪتاب ملڻو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودودي