068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
ز (ن) قسم آهي (اي نبي) قلم جو ۽ انهيءَ شيءِ جو جيڪا لکڻ وارا لکن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
تون پنهنجي رب جي فضل سان ڪو چريو نه آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تو لاءِ اهڙو اجر آهي، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ بيشڪ تون اخلاق جي تمام وڏي مرتبي تي آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي به ڏسندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته توهان منجهان ڪير چريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
تنهنجو رب انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪي سندس راهه کان ڀٽڪي ويل آهن ۽ هو ئي انهن کي به چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي جيڪي سڌيءَ راهه تي آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
تنهنڪري تون انهن ڪوڙو سڏيندڙن جي دٻاءَ ۾ نه اچ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
هو ته چاهن ٿا ته ڪجهه تون ڍرو ٿيءُ ته هو به ڍرا ٿين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
تون تابعداري نه ڪر ڪنهن اهڙي شخص جي، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ هلڪڙو ماڻهو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
مهڻا ڏيندڙ آهي ۽ وتندو آهي هِت هــُـت چغليون هڻندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
ڀلائيءَ کان روڪيندڙ، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ ۾ حد کان لنگهي ويندڙ، نهايت بڇڙا ڪم ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
ڏاڍائيءَ تي سندرو ٻڌل اٿس ۽ انهن سڀني عيبن سان گڏ نسب به صحيح نه اٿس
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
هن ڪري جو گهڻو مال ۽ اولاد اٿس
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن اسان جون آيتون کيس ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته اهي ته اڳئين زماني جون آکاڻيون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
سگهوئي اسان سندس نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
اسان انهن (مڪي وارن) کي ائين آزمائش ۾ وڌو آهي، جيئن هڪڙي باغ جي مالڪن کي آزمائش ۾ وڌو هئوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح جو ساجهر ضرور باغ جو ميوو پٽيندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ هو (ٻي ڪا ڳالهه ٿي پوڻ لاءِ ) ڪابه گنجائش نه ڇڏي رهيا هئا (ان شاءَ الله نه چئي رهيا هئا)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
رات جو جڏهن هو اڃان ســُـتل هئا ته تنهنجي رب وٽان هڪڙي آفت انهيءَ باغ تي گهمي وئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
۽ اهو ائين ٿي ويو جو ڄڻڪ لڻيل پوک آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي