061 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 14 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
الله جي پاڪائي بيان ڪئي آهي هر انهيءَ شيءِ، جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ هو زبردست داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 2
اي ايمان وارؤ! ڇو ٿا اها ڳالهه چئو جيڪا ڪريو نٿا؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 3
الله جي نظر ۾ اها ڏاڍي ناپسند (ڳالهه) آهي ته چئو اهو جيڪو ڪريو نٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الَّذِيْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ بُنْيَانٌ مَّرْصُوْصٌ 4
الله کي اهي ماڻهو ڏاڍا پسند آهن، جيڪي سندس راهه ۾ ائين ٿا صفون ٻڌي وڙهن، جو ڄڻ ته شيهي پيٽيل ڀت آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِيْ وَقَدْ تَّعْلَمُوْنَ اَنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ ۭ فَلَمَّا زَاغُوْٓا اَزَاغَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 5
۽ ياد ڪر موسيٰ جي اها ڳالهه، جيڪا هن پنهنجيءَ قوم کي چئي هئي ته: اي منهنجي قوم! توهان ڇو ٿا مون کي ايذايو، جڏهن جو چڱيءَ طرح ڄاڻو به ٿا ته مان توهان ڏانهن الله جو موڪليل آهيان. پوءِ جڏهن اهي ڏِنگا هليا ته الله به سندن دليون ڏنگيون ڪري ڇڏيون، الله نافرمانن کي سنئين دڳ نه لائيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ يٰبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُهٗ ٓ اَحْمَدُ ۭ فَلَمَّا جَاۗءَهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ قَالُوْا هٰذَا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 6
۽ ياد ڪر عيسيٰ پٽ مريم جي اها ڳالهه، جيڪا هن چئي هئي ته "اي بني اسرائيلؤ! مان توهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان. تصديق ڪندڙ آهيان انهيءَ تورات جو، جيڪو مون کان اڳي ئي آيل موجود آهي ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان هڪ رسول جي، جيڪو مون کان پوءِ ايندو، جنهن جو نالو هوندو "احمد"، پر پوءِ جڏهن هو وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيو ته انهن چيو ته اهو ته پڌرو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعٰٓى اِلَى الْاِسْلَامِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 7ۚ
پوءِ ڀلا انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي، جڏهن ته کيس اسلام (الله جي فرمانبرداريءَ ۾ ڪنڌ نوائڻ) ڏانهن سڏيو پيو وڃي؟ اهڙن ظالمن کي الله سڌي واٽ نه وٺائيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُرِيْدُوْنَ لِيُطْفِــــُٔـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ ۭ وَاللّٰهُ مُتِمُّ نُوْرِهٖ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 8
اهي وات سان ڦوڪون ڏيئي الله جي نور کي وسائڻ چاهن ٿا ۽ الله جو وري فيصلو اهو آهي ته هو پنهنجي نور کي توڙ رسائڻ وارو آهي، پوءِ کڻي ڪافر ڪيڏا به ناخوش ڇونه ٿين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ 9ۧ
اهوئي ته آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو آهي، تانته ان کي سمورن دينن تي غالب ڪري ڇڏي، جيتوڻيڪ ڪافرن لاءِ اها ڳالهه ڪيترو به اڻ وڻندڙ هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰي تِجَارَةٍ تُنْجِيْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِيْمٍ 10
اي ايمان وارؤ! اوهان کي ٻڌايان اهو واپار، جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي وٺي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُجَاهِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ۙ11
ايمان آڻيو الله ۽ سندس رسول تي ۽ جهاد ڪريو الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان، اهوئي توهان لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فِيْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۙ12
الله توهان جا گناهه معاف ڪندو ۽ توهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ سدائين رهڻ وارين جنتن ۾ تمام سٺيون رهڻ جون جايون توهان کي عطا ڪندو، اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاُخْرٰى تُحِبُّوْنَهَا ۭ نَصْرٌ مِّنَ اللّٰهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ ۭ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِيْنَ 13
۽ اها ٻي شيءِ ، جيڪا توهان چاهيو ٿا، سا پڻ توهان کي ڏيندو، الله وٽان مدد ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ملندڙ فتح، اي نبي! مؤمنن کي ان جي خوشخبري ڏئي ڇڏ
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْٓا اَنْصَارَ اللّٰهِ كَـمَا قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ لِلْحَوَارِيّٖنَ مَنْ اَنْصَارِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ قَالَ الْحَــوَارِيُّوْنَ نَـحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ فَاٰمَنَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ وَكَفَرَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ ۚ فَاَيَّدْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا عَلٰي عَدُوِّهِمْ فَاَصْبَحُوْا ظٰهِرِيْنَ ۧ14
اي ايمان وارؤ! الله جا مددگار بڻجو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ حوارين کي چيو هو ته "ڪير آهي الله ڏانهن (سڏڻ ۾) منهنجو مددگار؟" ۽ حوارين جواب ڏنو هو ته "اسين آهيون الله جا مددگار". پوءِ بني اسرائيل منجهان هڪڙي ٽولي ايمان آندو ته هڪڙي انڪار ڪيو. پوءِ اسان ايمان آڻڻ وارن جي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ پوري پوري پٺڀرائي ڪئي ۽ اهي ئي پوءِ غالب ٿيا
— سيد ابوالاعليٰ مودودي