060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان منهنجي راهه ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ (وطن ڇڏي گهرن مان) نڪتا آهيو ته پوءِ منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو، توهان انهن سان دوستيءَ لاءِ حيلا هلايو ٿا، حالانڪه جيڪو حق توهان وٽ آيو آهي، هنن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ رسول کي ۽ خود توهان کي به رڳو ان ڪري ملڪ نيڪالي ٿا ڏين، جو توهان الله، پنهنجي رب تي ايمان آندو آهي، توهان لڪائي انهن ڏانهن دوستيءَ جا نياپا موڪليو ٿا پر مان ته سڀ ڪجهه چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو، جيڪي توهان لڪائي ٿا ڪريو يا کليو کلايو ٿا ڪريو. جيڪو به توهان مان ائين ڪري ته اهو پڪ ئي پڪ سڌي رستي کان ٿـڙي ويو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
هنن جو رويو ته هي آهي، جو جيڪڏهن توهان تي هٿ پڳن ته توهان سان دشمني ڪندا ۽ هٿن ۽ زبان سان توهان کي آزاريندا. هو ته چاهن ٿا ته توهان جيڪر ڪافر ٿي وڃو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
قيامت جي ڏينهن نڪي توهان جون مٽيون مائٽيون توهان جي ڪنهن ڪم اينديون، نه توهان جي اولاد ڪو توهان کي نفعو ڏيندي. انهيءَ ڏينهن الله توهان جي وچ ۾ جدائي وجهي ڇڏيندو ۽ الله ئي توهان جي عملن کي ڏسڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
توهان لاءِ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، جو انهن پنهنجيءَ قوم وارن کي کولي چئي ڇڏيو ته "اسان توهان کان ۽ انهن کان جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا بيزار آهيون. اسان توهان جي عقيدي جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پيدا ٿي پيو آهي، جيستائين توهان هڪڙي الله تي ايمان نه آڻيو"، پر ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي هي چوڻ (ٻي ڳالهه آهي) ته "مان تو لاءِ بخشش جي دعا ضرور گهرندس، باقي الله کان تو لاءِ ڪجهه وٺڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي". (۽ ابراهيم ۽ سندس ساٿين جي دعا اها هئي ته) "اي اسان جا رب! توتي ئي اسان ڀاڙيو آهي ۽ توڏانهن ئي وري آيا آهيون ۽ تنهنجي ئي در موٽي اچڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا رب! اسانکي ڪافرن جو زيردست نه بڻاءِ ۽ اي اسان جا رب! اسان جي قصورن کان ٽارو ڪر، بيشڪ تون ئي زبردست داناءُ آهين"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
انهن ئي ماڻهن جي هلت ۾ توهان لاءِ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن جي اميد رکندو هجي. ان کان جنهن منهن ڦيريو ته پوءِ الله بي نياز ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
ٿي سگهي ٿو ته الله ڪنهن وقت توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان توهان جي دشمني آهي، محبت پيدا ڪري ڇڏي. الله وڏي سگهه وارو آهي ۽ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
الله توهان کي انهن ماڻهن سان نيڪيءَ ۽ انصاف سان هلڻ کان نٿو روڪي، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ نه ڪئي آهي ۽ نه توهان کي توهانجي گهرن مان ڪڍيو اٿن. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
الله ته توهان کي فقط انهن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ کان روڪي ٿو، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ ڪئي آهي ۽ توهان کي توهان جي گهرن کان ڪڍي ڇڏيو اٿن ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي اٿن. انهن سان جيڪي دوستي ڪن، سي ئي ظالم آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي ايمان وارؤ! جڏهن مؤمن عورتون هجرت ڪري توهان وٽ اچن ته (انهن جي مؤمن هجڻ جي) جاچ ڪريو. باقي سندن ايمان جي اصل حقيقت ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پوءِ جڏهن توهان کي پتو پئجي وڃي ته اهي مؤمن آهن ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو، نڪي اهي ڪافرن لاءِ حلال آهن ۽ نه ڪافر انهن لاءِ حلال آهن. سندن ڪافر مڙسن جيڪي مــَـهر کين ڏنا هئا، سي انهن کي واپس ڪريو ۽ ساڻن نڪاح ڪرڻ ۾ توهان تي ڪوبه گناهه ڪونهي، جڏهن توهان سندن مــَـهر کين ڏئي ڇڏيو ۽ توهان پاڻ به ڪافر عورتن کي نڪاح ۾ نه جهليو. جيڪي مــَـهر توهان پنهنجي ڪافر زالن کي ڏنا هئا، سي توهان موٽائي وٺو ۽ جيڪي مهر ڪافرن (پنهنجي مسلمان زالن کي) ڏنا هئا، سي اهي واپس وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، هو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن توهان جي ڪافر زالن جي مهرن مان ڪجهه توهان کي ڪافرن کان واپس نه ملي ۽ پوءِ توهان جو وارو اچي ته انهن ماڻهن کي جن جون زالون اُتي رهجي ويون آهن، اوتري رقم ڏئي ڇڏيو، جيتري سندن ڏنل مهرن جي آهي ۽ انهيءَ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن تي توهان ايمان آندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن عورتون بيعت ڪرڻ لاءِ اچن ۽ اهو عهد ڪن ته هو الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنديون، چوري نه ڪنديون، زنا نه ڪنديون، پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون، پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي آڏو ڪوبه بهتان گهڙي نه آڻينديون ۽ چڱين ڳالهين بابت تنهنجي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪنديون ته بيعت وٺين ۽ سندن حق ۾ الله کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي ايمان وارؤ! انهن ماڻهن کي دوست نه بڻايو، جن تي الله جو ڏمر ٿيو آهي، جيڪي آخرت کان ائين نا اميد آهن، جيئن قبرن ۾ پيل ڪافر نا اميد آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي