006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
تعريف الله جي ئي لاءِ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين خلقيا، اونداهيون ۽ روشني پيدا ڪيائين. تڏهن به اهي ماڻهو جن حق جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻين کي پنهنجي رب جي برابر ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ توهان جي حياتيءَ جي هڪ مدت مقرر ڪيائين ۽ اڃان هڪڙي ٻي مدت به آهي، جيڪا وٽس مقرر ٿيل آهي. پر وري توهان آهيو جو شڪ ۾ ڦاٿا پيا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
اهوئي الله آسمانن ۾ به آهي ۽ زمين ۾ به. توهانجو ڳجهو توڙي پڌرو سڀ حال ڄاڻي ٿو ۽ جيڪا به برائي يا ڀلائي توهان ڪمايو ٿا، انهيءَ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
ماڻهن جي حالت ته اها آهي جو سندن رب جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي نه آهي، جيڪا سندن سامهون آئي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
ايتريقدر جو هاڻي جيڪو حق وٽن آيو آهي ان کي به هنن ڪوڙو ڀانيو. چڱو ڀلا جنهن شيءِ تي هو پيا ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن، سگهوئي ان بابت ڪي خبرون ملندن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا نه ڏٺو اٿن ته کانئن اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون اسان تباهه ڪري چڪا آهيون، جن جو پنهنجي پنهنجي زماني ۾ چؤٻول هو؟ جن کي اسان زمين ۾ اهو اقتدار ڏنو هو، جيڪو اسان توهان کي نه ڏنو آهي. انهن تي اسان آسمان مان خوب مينهن وسايا ۽ سندن هيٺان وري واهڙ وهاياسون (پر پوءِ جڏهن بي شڪري ڪيائون ته) اسان کين سندن گناهن جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سندن جاءِ تي ٻين قومن جو دور آندوسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
اي نبي! جيڪڏهن اسان توتي کڻي ڪو ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به لاهيون ها ۽ جنهن کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به جن حق جو انڪار ڪيو آهي، سي ائين ئي چون ها ته اهو ته کليو کلايو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
چون ٿا ته هن نبيءَ تي ڪو فرشتو ڇونه لاٿو ويو آهي؟ جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته پوءِ ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي به وڃي ها ۽ پوءِ ته کين ڪا مهلت ئي نه ڏني وڃي ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
وري جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته اهو به ته انساني شڪل ۾ ئي لاهيون ها ۽ کين ائين ئي ساڳئي شڪ ۾ وجهي ڇڏيون ها، جنهن ۾ هو هينئر پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
اي نبي! توکان اڳ به گهڻن ئي رسولن تي چٿرون ٿيون آهن، پر پوءِ انهن مسخري ڪندڙن کي نيٺ اهائي حقيقت وڪوڙي وئي، جنهن تي هو پيا چٿرون ڪندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
انهن کي چؤ ته ٿورو زمين ۾ گهمي ڦري به ته ڏسو ته ڪوڙو سڏيندڙن جي پڇاڙي آخر ڪهڙي ٿي آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
پڇين ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو ڪنهن جو آهي؟ ٻڌائين ته سڀ ڪجهه الله جو ئي آهي، هن رحم ۽ ڪرم واري ريت پاڻ تي واجب ڪري ڇڏي آهي. (انهيءَ ڪري ئي هو بي فرمانين ۽ سرڪشين تي توهان کي جلدي نٿو پڪڙي) قيامت جي ڏينهن هو توهان سڀني کي ضرور گڏ ڪندو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي اهي نٿا مڃين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
رات جي اونداهي ۾ توڙي چٽي ڏينهن ۾ رهندڙ جيڪو به آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
چؤ! ڇا الله کي ڇڏي مان ڪنهن ٻئي کي پنهنجو سنڀاليندڙ بڻايان؟ انهيءَ الله کي ڇڏي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي ۽ جيڪو روزي رسائي ٿو، روزي طلبي نٿو، چؤ! مونکي ته اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ مان ئي سندس آڏو سر نوايان (۽ تاڪيد ڪيل آهي ته ڪو شرڪ ڪري ته ڪري) تون ڪڏهن به مشرڪن ۾ شامل نه ٿجانءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
چؤ! مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ته هڪ وڏي (خوفناڪ) ڏينهن واري سزا ڀوڳڻي پوندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
ان ڏينهن جيڪو سزا کان بچي ويو، انهيءَ تي الله وڏو رحم ڪيو ۽ اهائي تمام پڌري ڪاميابي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
جيڪڏهن الله توکي ڪوبه نقصان پهچائي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، جيڪو توکي ان کان بچائي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توکي ڪا ڀلائي نصيب ڪري ته هو هر شيءِ تي قادر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
هن کي پنهنجن ٻانهن جي مٿان اختيار آهي ۽ هو داناءُ ۽ باخبر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
پڇين ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان ڳري آهي؟ چؤ منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله شاهد آهي ۽ هيءُ قرآن مون ڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو ويو آهي ان لاءِ ته جيئن توهان کي ۽ جنهن تائين اهو پهچي سڀني کي ان وسيلي خبردار ڪريان. ڇا سچ پچ توهان اها شاهدي ڏيئي سگهو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا الــٰـھ (خدا) به آهن؟ چوين ته مان ته اهڙي شاهدي ڏئي نٿو سگهان. چوين ته الـــٰـھ (معبود) ته اهو هڪڙوئي آهي ۽ مان انهيءَ شرڪ کان سخت بيزار آهيان، جنهن ۾ توهان ڦاٿل آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ائين ٿا سڃاڻن، جيئن پنهنجي پٽن کي ٿا سڃاڻن، پر جن پنهنجو پاڻ کي ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي ته مڃيندا ئي ڪونه
— سيد ابوالاعليٰ مودودي