059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
الله جي ئي پاڪائي بيان ڪئي آهي، هر ان شيءِ جيڪا آسمانن توڙي زمين ۾ آهي ۽ اهوئي زبردست داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
اهوئي آهي، جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن کي پهرئين ئي حملي ۾ سندن گهرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو. توهان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو نڪري ويندا ۽ هو به سمجهيو ويٺا هئا ته سندن قلعا کين الله کان بچائي وٺندا، پر الله اهڙي پاسي کان مٿن آيو، جتان کين ڪو گمان ئي نه هو، هن سندن دلين ۾ رعب وجهي ڇڏيو، جو پنهنجن هٿن سان ئي پئي پنهنجا گهر ڊاٿائون ۽ مؤمنن جي هٿان به پئي ڊاهرايائون، پوءِ اي اکين وارؤ! ڪجهه عبرت پرايو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
جيڪڏهن الله سندن باري ۾ ملڪ نيڪالي نه لکي ڇڏي هجي ها ته دنيا ۾ ئي هو کين عذاب ڏئي ڇڏي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
اهو ان ڪري ٿيو، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته الله انهيءَ کي سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
توهان کجين جا جيڪي وڻ وڍي ڇڏيا يا جن کي پنهنجن پاڙن تي بيٺل ڇڏي ڏنوَ، اهو سڀ ڪجهه الله جي ئي حڪم سان هو (۽ الله اهو حڪم ان ڪري ڏنو) تانته نافرمانن کي ذليل ۽ خوار ڪري
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
۽ جيڪي مال ملڪيتون الله انهن کان کسي پنهنجي رسول کي موٽائي ڏنيون، اهي اهڙا مال مڏيون ناهن جن لاءِ ڪو توهان گهوڙا ۽ اٺ ڊوڙايا هجن، بلڪه الله پنهنجن رسولن کي جنهن جي به مٿان وڻيس غلبو عطا ڪري ڇڏي ٿو ۽ الله هر شيءِ تي وس وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
جيڪي ڪجهه به الله انهن آبادين وارن کان پنهنجي رسول ڏانهن موٽائي آڻي اهو الله ۽ رسول ۽ عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسيڪنن ۽ مسافرن لاءِ آهي ته جيئن اهو توهان جي آسودن ماڻهن جي ئي وچ ۾ ڦرندو گهرندو نه رهي. جيڪي توهان کي رسول ڏئي سو وٺو ۽ جنهن ڳالهه کان توهان کي جهلي ڇڏي ته ان کان جهلجي وڃو. الله کان ڊڄو، الله ڏاڍي سخت سزا ڏيندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
(اهو مال) انهن غريب مهاجرن لاءِ (پڻ) آهي، جيڪي پنهنجي گهرن ۽ مال ملڪيتن کان ڪڍي ٻاهر ڪيا ويا آهن. اهي الله جو فضل ۽ سندس راضپو طلبين ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪرڻ ۾ لڳل آهن، اهي ئي سچا ماڻهو آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
۽ (اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن مهاجرن جي اچڻ کان اڳي ئي ايمان آڻي چڪا هئا ۽ هجرت واري هنڌ رهندڙ هئا. اهي انهن ماڻهن سان محبت ڪن ٿا، جيڪي وٽن هجرت ڪري آيا آهن ۽ جيڪي ڪجهه به ڏجينِ ٿو ته ان جي ڪابه تنگي پنهنجي اندر ۾ محسوس نٿا ڪن ۽ پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏين ٿا، پوءِ کڻي پاڻ به گهرجائو ڇو نه هجن. حقيقت ۾ جيڪي پنهنجي دل جي تنگيءَ کان بچايا ويا، سي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
(۽ اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن آڳاٽن کان پوءِ آيا آهن ۽ چون ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي انهن سڀني ڀائرن کي بخشي ڇڏ، جن اسان کان اڳ ايمان آندو آهي ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن لاءِ ڪوبه کوٽ نه رک. رب! تون بيشڪ ڏاڍو مهربان ۽ رحم ڪندڙ آهين"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
(اي نبي) ڇا تون انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن منافقت جي هلت اختيار ڪئي آهي؟ اهي پنهنجي ڪافر اهل ڪتاب ڀائرن کي چون ٿا ته "جيڪڏهن توهان کي ڪڍيو ويو ته اسان به توهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ توهان جي معاملي ۾ اسان ڪنهن جي به چوڻ تي نه لڳنداسون ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪئي ويئي ته توهان جي مدد ڪنداسون"، پر الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
جيڪڏهن هو ڪڍيا ويا ته اِهي اُنهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ڪئي ويئي ته اهي ڪڏهن به سندن مدد نه ڪندا ۽ جيڪڏهن مدد ڪن به ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ پوءِ ته ڪٿان به ڪا مدد نه ملندن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
انهن جي دلين ۾ الله کان وڌيڪ توهان جو خوف آهي، اهو ان ڪري آهي ته اهي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سمجهه نٿا رکن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
اهي ڪڏهن به گڏجي (کليل ميدان ۾) توهان سان مقابلو نه ڪندا، وڙهندا به ته قلعن وانگر محفوظ بڻايل ڳوٺن ۾ اندر ويهي يا ڀتين جي پوئتان لڪي. پاڻ ۾ به انهن جي ويڙهه سخت آهي، تون ٿو ڀانئين ته ڪَٺا آهن پر سندن دليون هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيل آهن، سندن اها حالت ان ڪري آهي جو اهي بي عقل ماڻهو آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
اهي انهن ماڻهن وانگر آهن، جيڪي کانئن ٿورو اڳ پنهنجي ڪـَـئي جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
انهن جو مثال شيطان وانگر آهي، جو پهريائين هو انسان کي چوندو آهي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن ڪفر ڪري ويهندو آهي ته چوندو اٿس ته مان ٻڌل نه آهيانءِ ، مونکي ته الله رب العالمين کان ڊپ ٿو ٿئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي اها ٿيڻي آهي، جو ٻئي وڃي هميشه لاءِ جهنم ۾ پوندا ۽ ظالمن جو اهوئي بدلو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص کي ڏسڻ گهرجي ته سڀاڻي لاءِ ڪهڙو توشو ڪيو اٿس. الله کان ڊڄندا رهو، الله بلاشڪ توهان جي سڀني عملن کان، جيڪي به توهان ڪريو ٿا، واقف آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو، جن الله کي وساري ڇڏيو ته پوءِ الله سندن پنهنجا وجود ئي وسارائي ڇڏين. اهي ئي ماڻهو نافرمان آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
دوزخ ۾ وڃڻ وارا ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا برابر نٿا ٿي سگهن. جنت ۾ وڃڻ وارا ئي اصل ۾ ڪامياب آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي