053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
قسم آهي تاري جو جڏهن اهو وهامي ويو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
توهان جو سنگتي نڪي سڌي رستي کان ٿــِـڙيو آهي ۽ نه غلط راهه تي لڳو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
هو پنهنجي خواهش وچان نٿو ڳالهائي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
اهو ته وحي آهي، جيڪو مٿس ڪيو ٿو وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
هن کي ته زبردست طاقت واري سيکاريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
جيڪو وڏي دانائيءَ وارو آهي، هو اچي آڏو بيٺو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
جڏهن جو مٿانهين افق تي هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
پوءِ ويجهو آيو ۽ مٿي لڙڪي بيٺو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
تان جو ٻن ڪمانن جيترو يا اڃان به گهٽ مفاصلو وڃي بچيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
تڏهن هن الله جي ٻانهي کي وحي ڪيو، جيڪو به وحي ڪرڻو هوس
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
نظر جيڪي ڏٺو دل ان ۾ (ڪوبه) ڪوڙ نه ملايو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
پوءِ ڇا توهان ساڻس ان ڳالهه تي جهيڙو ڪريو ٿا، جنهن کي هو اکين سان ڏسي ٿو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
۽ وري ٻئي ڀيري به هن کيس لهندي ڏٺو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
سدرة المنتهيٰ (دنگ واري ٻير جي وڻ) وٽ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
جنهن جي ڀر ۾ رهڻ واري جنت آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
ان وقت ٻير جي وڻ تي ڇانئجي رهيو هو، جيڪي ڇانئجي رهيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
نڪي اک چنجهجي وئي ۽ نه حد کان ٽپي وئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
۽ هن پنهنجي رب جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏٺيون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
ٻڌايو ته توهان لات ۽ عزيٰ جي حقيقت تي به ڪو غور ڪيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ ٽين جيڪا منات ديوي آهي،
— سيد ابوالاعليٰ مودودي