051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
قسم آهي انهن هوائن جو جيڪي مٽي اڏائڻ واريون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
پوءِ پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر کڻي هلڻ واريون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
پوءِ (ڪڪرن کي) آهستي آهستي هلائڻ واريون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
پوءِ هڪ وڏي ڪم (برسات) کي ورهائڻ واريون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
(اي پيغمبر) حق ڳالهه اها آهي ته جنهن ڳالهه جو توهان کي دڙڪو ڏنو پيو وڃي، سا بلڪل سچ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ حساب ڪتاب ضرور ٿيڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
قسم آهي واٽن واري آسمان جو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
ته (آخرت جي باري ۾) توهان مان هرهڪ جي ڳالهه پنهنجي پنهنجي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
ان کان ڦريل اهوئي آهي جيڪو حق کان ڦريل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
هلاڪ ٿيا اندازي ۽ گمان تي هلڻ وارا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جيڪي جهالت ۾ ٻڏل ۽ غفلت ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
پڇن ٿا ته ڀلا اهو حساب ڪتاب وارو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
اهو ڏينهن ايندو جڏهن اهي ماڻهو باهه ۾ ساڙيا ويندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
(چيو ويندن) هاڻي چکو مزو پنهنجي فتني جو، اِها اٿوَ اُها شيءِ جنهن لاءِ پيا تڪڙ ڪندا هيؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
بيشڪ پرهيزگار انهيءَ ڏينهن باغن ۽ چشمن ۾ هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
جيڪي سندن رب کين ڏيندو، اهو خوشيءَ سان پيا وٺندا. اهي انهيءَ ڏينهن کان اڳي ئي نيڪين ڪرڻ ۾ اڳرا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
راتين جو تمام گهٽ سمهندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
پوءِ وري اسر مهل گناهن جي معافي گهرندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ سندن مالن ۾ سواليءَ ۽ هٿين خاليءَ جو حق هوندو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن يقين ڪرڻ وارن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودودي