050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ﱎ (قاف)، قسم آهي قرآن وڏي شان واري جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
پر ڏاڍو عجب لڳو اٿن، انهيءَ ڳالهه تي ته هڪڙو خبردار ڪندڙ خود انهن مان ئي وٽن اچي ويو. پوءِ وري منڪر چوڻ لڳا ته "اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون (ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون)؟ اهو موٽڻ ته عقل کان ئي ٻاهر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
(توڻي جو) اسان ڄاڻون ٿا ته زمين سندن جسمن مان ڇا ٿي کائي کٽائي ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه سانڍيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪه انهن ماڻهن ته جيئن ئي وٽن حق آيو ته ان کي ڪوڙو سڏيو، تنهنڪري هاڻي اهي مونجهاري ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
پوءِ ڀلا انهن مٿي آسمان ڏي نه ڏٺو آهي ڇا؟ ڪيئن نه اسان ان کي ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به ڪو ڏار نه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين کي اسان وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ منجهس هر قسم جا مــَـن موهيندڙ سـَـلا ٻوٽا اپايا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
اهي سڀئي اکيون کولڻ واريون ۽ نصيحت ڏيڻ واريون شيون آهن، هر انهيءَ ٻانهي لاءِ جيڪو (حق ڏانهن) ورڻ وارو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ آسمان مان اسان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو، پوءِ ان وسيلي باغ ۽ پوک جا داڻا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگها ڊگها کجيءَ جا وڻ پيدا ڪيا، جن ۾ ڦـر سان سٿيل ڇڳن جا ڇڳا پاڻ ۾ ڳتيا پيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
اهي ٻانهن جي رزق خاطر آهن ۽ انهيءَ پاڻيءَ سان اسان مئل زمين کي جيئرو ٿا ڪري ڇڏيون (مئل انسانن جو زمين مان) نڪرڻ به ائين ئي ٿيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
هنن کان اڳ نوح جي قوم ۽ "الرس" جي رهڻ وارن ۽ ثمود
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي برادريءَ وارن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ ٻيلي جي رهاڪن (اصحاب الايڪة) ۽ تـــُـبع جي قوم وارن به ڪوڙو سڏيو هو، هر هڪ رسولن کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ منهنجي وعيد (دڙڪو) مٿن لاڳو ٿي وئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا اسان پهرئين ڀيري خلقي پوءِ ٿڪجي پيا هئاسون؟ بلڪه اصل ۾ اهي هڪڙي نئين سر خلقڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان سندس دل ۾ اڀرندڙ وسوسن کي به ڄاڻون ٿا، اسان ته کيس سندس ساهه واريءَ رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
(تنهن هوندي به) ٻه ڪاتب سندس ساڄي ۽ کاٻي ويٺا هر شيءِ لکندا پيا وڃن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
سندس زبان مان ڪو لفظ نڪتو مس آهي ته هوڏانهن ان کي سانڍڻ وارو تيار لڳو پيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
وري ڏسو، هو سچ پچ موت جي سڪرات اچي پهتي. اهائي اٿيئي اُها شيءِ جنهن کان تون ڀڄندو هئين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ پوءِ صور ۾ ڦوڪيو ويندو، اهو اٿيئي اهو ڏينهن جنهن جو توکي ڊپ ڏياريو ويندو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي