048 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا 1ۙ
اي نبي! بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّيَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَيُتِـمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَـقِيْمًا 2ۙ
الله تنهنجيون اڳيون پويون سڀئي ڪميون معاف ڪري ڇڏيون ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ توکي سنئين واٽ وٺائي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّيَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَــصْرًا عَزِيْزًا 3
۽ الله توکي زبردست سوڀ ڏئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ فِيْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِيْنَ لِيَزْدَادُوْٓا اِيْـمَانًا مَّعَ اِيْـمَانِهِمْ ۭ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْمًا حَكِـيْمًا 4ۙ
اهوئي ته آهي، جنهن مؤمنن جي دلين تي آٿت نازل ڪئي تانته پنهنجن ايمانن سان گڏ اهي اڃان هڪ ٻيو ايمان وڌائين. آسمانن ۽ زمين جا سمورا لشڪر الله جي هٿ وس آهن ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّاٰتِهِمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِيْمًا 5ۙ
(هن ائين ان لاءِ ڪيو آهي) ته جيئن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي سدائين رهڻ لاءِ اهڙين جنتن ۾ داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ سندن مدايون کانئن ميٽي ڇڏي ۽ الله وٽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّيُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِيْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّاۗنِّيْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۭ عَلَيْهِمْ دَاۗىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا 6
۽ انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي سزا ڏئي، جن جا الله جي باري ۾ نهايت خراب گمان آهن. بڇڙائيءَ ۾ هو پاڻ اچي ويا آهن ۽ مٿن الله جو ڏمر ٿيو آهي، مٿن لعنت وڌي اٿائين ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪيو اٿائين، جيڪو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْـمًا 7
آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جي ئي هٿ وس آهن ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا 8ۙ
اي نبي! اسان توکي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ بڻائي موڪليو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ۭ وَتُسَـبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 9
تانته توهان (اي انسانؤ) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس (يعني رسول جو) ساٿ ڏيو ۽ سندس ادب ۽ تعظيم ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪائي بيان ڪندا رهو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ يُبَايِعُوْنَكَ اِنَّـمَا يُبَايِعُوْنَ اللّٰهَ ۭ يَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ ۚ فَــمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّـمَا يَنْكُثُ عَلٰي نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰى بِــمَا عٰهَدَ عَلَيْهُ اللّٰهَ فَسَيُؤْتِيْهِ اَجْرًا عَظِيْمًا ۧ10
يقينًا اي نبي! جن ماڻهن توسان پئي بيعت ڪئي، انهن اصل ۾ الله سان پئي بيعت ڪئي، الله جو هٿ سندن هٿن جي مٿان هو. هاڻي جيڪو انهيءَ عهد کي ٽوڙيندو ته ان جي ٽوڙڻ جي شامت سندس مٿان پوندي ۽ جيڪو انهيءَ عهد کي پاڙيندو جيڪو هن الله سان ڪيو آهي ته جلد ئي الله کيس تمام وڏو اجر عطا ڪندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَيَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَآ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ يَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَيْسَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ۭ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 11
اي نبي! ٻهراڙيءَ وارن (بدوين) مان جيڪي ماڻهو پوئتي ڇڏي ڏنا ويا هئا، سي هاڻي ضرور توکي اچي چوندا ته "اسان کي پنهنجن مالن ۽ ٻارن ٻچن جي فڪر رُڌل رکيو هو، تون اسان لاءِ معافيءَ جي دعا گهر". اهي جيڪي پنهنجي زبانن سان چون ٿا سو سندن دلين ۾ ناهي.چوين ته "چڱو جي ائين آهي ته پوءِ توهان جي معاملي ۾ ڪنهن کي طاقت آهي ته الله جي فيصلي کي روڪي سگهي، جيڪڏهن هو توهان کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري يا وري ڪو فائدو ڏيڻ چاهي؟ توهان جي عملن کان ته الله ئي واقف آهي، (پر اصل ڳالهه اها ناهي جيڪا توهان چئو ٿا)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰٓى اَهْلِيْهِمْ اَبَدًا وَّزُيِّنَ ذٰلِكَ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ښ وَكُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا 12
بلڪه توهان ائين سمجهيو هو ته رسول ۽ مؤمن ته پنهنجن گهرن ڏانهن ڪڏهن به موٽي نه سگهندا ۽ اهو خيال توهان جي دلين کي ڏاڍو سٺو لڳو، توڻي جو توهان گمان ته ڏاڍو بڇڙو ڪيو هو ۽ توهان اندر جا ڏاڍا کوٽا ماڻهو آهيو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ لَّمْ يُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَعِيْرًا 13
جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان نه آندو آهي، اهڙن ڪافرن لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪئي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 14
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ الله ئي آهي، جنهن کي وڻيس معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس سزا ڏئي ۽ هو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَيَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْــطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِـمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ يُرِيْدُوْنَ اَنْ يُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ۭ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَيَقُوْلُوْنَ بَلْ تَـحْسُدُوْنَنَا ۭ بَلْ كَانُوْا لَا يَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 15
(اي نبي) جڏهن توهان غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳندؤ ته اهي پوئتي ڇڏي ڏنل ضرور توهان کي چوندا ته اسان کي به ساڻ هلڻ ڏيو. اهي چاهن ٿا ته الله جو فرمان بدلائي ڇڏين. چئي ڇڏين ته "توهان ڪنهن به طرح اسان سان گڏ نٿا هلي سگهو، الله اڳواٽ ئي ائين فرمائي چڪو آهي". اهي چوندا ته "نه بلڪه توهان اسان سان حسد ڪريو ٿا" (حالانڪه ڳالهه حسد جي نه آهي) بلڪه اهي ماڻهو صحيح ڳالهه گهٽ سمجهندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ لِّـلْمُخَلَّفِيْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَـتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ يُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِيْعُوْا يُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَـنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَـمَا تَوَلَّيْتُمْ مِّنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 16
انهن پوئتي ڇڏي ڏنل ٻهراڙيءَ وارن (بدوي عربن) کي چئي ڇڏ ته "سگهوئي توهان کي اهڙن ماڻهن سان وڙهڻ لاءِ سڏيو ويندو، جيڪي ڏاڍا طاقتور آهن، توهان کي انهن سان وڙهڻو پوندو يا وري اهي مطيع ٿي ويندا، پوءِ جي توهان تنهن وقت جهاد جي حڪم تي عمل ڪيو ته الله توهان کي ڀلو اجر ڏيندو، پر جي وري به توهان منهن موڙي ويئو، جيئن اڳي موڙي ويا هيؤ ته پوءِ الله توهان کي دردناڪ سزا ڏيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَيْسَ عَلَي الْاَعْـمٰى حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْمَرِيْضِ حَرَجٌ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ17
ها، باقي جيڪڏهن انڌو ۽ منڊو ۽ بيمار جهاد ڪرڻ لاءِ نه اچن ته (انهن تي) ڪا ميار ناهي. جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، الله ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهنديون ۽ جيڪو پٺي ڏيندو تنهن کي هو دردناڪ عذاب ڏيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَـحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًا ۙ18
(اي نبي) الله مؤمنن کان راضي ٿي ويو، جڏهن هو وڻ هيٺان توسان بيعت ڪري رهيا هئا. سندن دلين جو حال کيس معلوم هو، پوءِ هن مٿن آٿت لاٿو ۽ کين انعام ۾ ويجهڙي فتح عطا ڪيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّمَغَانِـمَ كَثِيْرَةً يَّاْخُذُوْنَهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْمًا 19
۽ جهجهو غنيمت جو مال کين ڏئي ڇڏيائين، جنهن کي هو (ستت ئي) حاصل ڪندا، الله زبردست داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِـمَ كَثِيْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰيَةً لِّــلْمُؤْمِنِيْنَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا ۙ20
الله توهان سان جهجهي غنيمت جي مال جو وعدو ٿو ڪري جيڪو توهان حاصل ڪندؤ، في الحال ته هن اها فتح توهان کي ڏني ۽ ماڻهن جا هٿ توهان جي خلاف اٿڻ کان جهلي ورتائين، تانته اها ڳالهه مؤمنن لاءِ هڪڙي نشاني بڻجي پوي ۽ الله توهانکي سڌو رستو ڏيکاري
— سيد ابوالاعليٰ مودودي