046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰــمۗ 1ۚ
ﷅ (حا ــ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله زبردست داناءَ جي طرفان آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سمورين شين کي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن، حق سان ۽ هڪڙي خاص مقرر ڪيل مدي لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. پر اهي ڪافر انهيءَ حقيقت کان جنهن کان کين خبردار ڪيو ويو آهي، منهن موڙيو ويٺا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
اي نبي! چوين ته ڪڏهن اکيون کولي به ڏٺو اٿوَ ته جن هستين کي توهان الله کي ڇڏي سڏيو ٿا، اهي آهن ڇا؟ مونکي به ته ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڇا خلقيو آهي؟ يا وري ڪو آسمانن جي ٺاهڻ ۾ دخل اٿن؟ آڻيو ڪو اڳ آيل ڪتاب يا وري علم مان ڪا شيءِ (انهن عقيدن جي ثبوت ۾) جيڪڏهن توهان سچا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
انهيءَ شخص کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله کي ڇڏي انهن کي سڏي ٿو، جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين به ڪو جواب نه ڏيندس، بلڪه ان کان به بي خبر آهن ته سڏڻ وارا انهن کي ٿا سڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
۽ جڏهن سڀئي انسان گڏ ڪيا ويندا ته ان وقت هو پنهنجن سڏڻ وارن جا دشمن ۽ سندن عبادت جا انڪاري هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
انهن ماڻهن کي جڏهن اسان جون چٽيون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ حق آڏو اچي وڃين ٿو ته اهي ڪافر چوڻ لڳن ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
ڇا ائين ٿا چون ته رسول اهو پاڻ گهڙيو آهي؟ چوين ته "جيڪڏهن اهو مون کڻي گهڙيو آهي ته پوءِ توهان کي ته ڪا طاقت ڪانهي جو مونکي الله جي پڪڙ کان بچائي سگهو، جيڪي ڳالهيون ان بابت توهان ڪريو ٿا، الله ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ اهوئي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ هو ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
چوين ته مان ڪو نئين قسم جو رسول ته ناهيان، نڪي اهو ٿو ڄاڻان ته مون سان ڇا ٿيڻو آهي ۽ توهان سان ڇا ٿيندو، مان ته فقط انهيءَ وحي جي پيروي ڪيان ٿو، جيڪو مون تي ڪيو وڃي ٿو ته مان کولي کولي خبردار ڪرڻ واري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
اي نبي، چوين ته ڪجهه سوچيو به اٿوَ ته جيڪڏهن اهو ڪلام الله جي طرفان آهي ۽ توهان ان جو انڪار ڪيو آهي (ته پوءِ توهان جو ڇا حال ٿيندو) هوڏانهن انهيءَ جهڙي هڪڙي ڪلام بابت بني اسرائيل جو هڪڙو شاهد شاهدي به ڏئي چڪو آهي، هن ته ايمان آندو ۽ توهان وڏائي ڪئي. اهڙن ظالمن کي ته الله هدايت ڏيندو ئي ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
جن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سي ايمان آڻڻ وارن لاءِ چون ٿا ته جيڪڏهن هن ڪتاب کي مڃڻ ڪو چڱو ڪم هجي ها ته اهي اسان کان اڳ ڪڍي نه سگهن ها. جيئن ته ان وسيلي هدايت نه لڌي اٿن، سو ضرور چوندا ته اهو پراڻو ڪوڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
حالانڪه ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب رهنما ۽ رحمت بڻجي اچي چڪو آهي، هيءُ ڪتاب ان جو تصديق ڪندڙ عربي ٻوليءَ ۾ ٿي آيو آهي، تانته ظالمن کي ڊيڄاري ۽ سهڻي هلت هلندڙن کي خوشخبري ڏئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
حقيقت اها آهي ته جن ماڻهن چيو ته الله ئي اسان جو رب آهي، پوءِ ان تي پختا بيهي رهيا، تن لاءِ نڪي خوف آهي ۽ نه وري ڪو ڏک ئي ڏسندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اهڙا ماڻهو جنتي آهن جتي هو سدائين رهندا، پنهنجن انهن عملن جي عيوض جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا رهيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
اسان انسان کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ ماءُ سان سهڻو سلوڪ ڪري. سندس ماءُ ڏک ســَـهي کيس پيٽ ۾ سانڍيو ۽ تڪليف سان ئي کيس ڄڻيو. سندس پيٽ ۾ سانڍجڻ ۽ ٿـڃ ڇڏائڻ ۾ ٽيهه مهينا لڳي ويا، تان جو جڏهن هو ڀرپور طاقت کي رسيو ۽ چاليهن سالن کي پهتو ته چيائين ته "اي منهنجا رب! مونکي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهن نعمتن جو شڪر ادا ڪريان، جيڪي تو مونکي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي عطا ڪيون آهن ۽ اهڙا نيڪ عمل ڪيان جن کان تون راضي ٿئين ۽ منهنجي اولاد کي به نيڪ بڻائي مونکي راحت ڏي. مان تو در توبه ٿو ڪريان ۽ مان فرمانبردار ٻانهن مان آهيان"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
اهڙن ماڻهن کان اسان سندن سهڻن عملن کي قبول ٿا ڪيون ۽ سندن بڇڙاين کي درگذر ٿا ڪري ڇڏيون، اهي جنتي ماڻهن ۾ شامل ٿيندا، انهيءَ سچي وعدي موجب جيڪو ساڻن ڪيو پيو وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جنهن ماڻهوءَ پنهنجي پيءُ ماءُ کي چيو ته "اوهان کي حيف آهي، ڇا توهان مونکي ڊيڄاريو ٿا ته مان مرڻ کان پوءِ وري قبر مان ڪڍيو ويندس، حالانڪه مون کان اڳ ته ڪيئي پيڙهيون لنگهي ويون آهن (انهن مان ته ڪو اٿي نه آيو)". پيءُ ۽ ماءُ الله کي واهر لاءِ پڪاري ٿا چونس: "مار پويئي، مڃي وٺ الله جو وعدو سچو اٿيئي". پر تڏهن به ٿو چوي ته "اهي ته سڀئي آڳاٽن جون ئي آکاڻيون آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
هي اهي ماڻهو آهن، جن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي چڪو آهي، کانئن اڳ جنن ۽ انسانن جا جيڪي ٽولا ٿي گذريا آهن، هي به وڃي انهن سان گڏيا. بلاشڪ اهي ٽوٽي ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
ٻنهي ٽولن مان هرهڪ جي حيثيت سندن عملن مطابق مقرر ٿيل آهي، تانته الله کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
پوءِ جڏهن اهي ڪافر باهه جي سامهون آڻي بيهاريا ويندا ته کين چيو ويندو ته "توهان ته پنهنجي ڀاڱي جون نعمتون پنهنجيءَ دنيا واري حياتيءَ ۾ ئي کپائي چڪا آهيو ۽ انهن مان مزو به ماڻيوَ، هاڻي جيڪا وڏائي ڌرتيءَ تي ناحق ڪندا هيؤ ۽ جيڪي بي فرمانيون توهان ڪندا رهندا هيؤ، انهن جي بدلي ۾ ذلت وارو عذاب اڄ توهان کي ڏنو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي