044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰــمۗ ڔ 1
ﷅ (حا ــ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي هن پڌري ڪتاب (قرآن) جو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
ته اسان ان کي هڪ ڀلاريءَ ۽ برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو آهي. ڇو جو اسان ماڻهن کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
اِها رات اُها هئي، جنهن ۾ هر ڳالهه جو دانائيءَ سان ڪيل فيصلو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
اسان جي حڪم سان جاري ڪيو ويندو آهي. بيشڪ اسان هڪڙو رسول موڪلڻ وارا هئاسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
تنهنجي رب جي رحمت طور، بيشڪ هوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
آسمانن ۽ زمين ۽ ان هر شيءِ جو پاليندڙ، جيڪا سندن وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهوئي حياتي عطا ڪري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو. توهان جو به رب، توهان جي اڳ وارن ابن ڏاڏن جو به رب
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
(پر اصل ۾ انهن کي يقين ئي ڪونهي) بلڪه پنهنجي شڪ ۾ پيا ٿا کيڏن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
ڀلا پوءِ ڪريو انتظار اُن ڏينهن جو جڏهن آسمان پري کان پڌرو دونهون کنيو ايندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
۽ اهو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو. اهو آهي دردناڪ عذاب
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
(پوءِ چون ٿا ته) "اسان جا رب!ّ اسان تان اِهو عذاب ٽار، اسان ايمان آڻيون ٿا"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
ڪٿان پرائيندا ڪا نصيحت؟ کولي پيش ڪندڙ رسول به ته اچي ويو اٿن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
تڏهن به منهن موڙي ڇڏيائون ۽ چيائون ته هو سيکاريل پڙهايل چريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
اسان کڻي ٿورو عذاب هٽايون ٿا، تڏهن به ڪندؤ وري به ائين ئي جيئن اڳي پيا ڪندا هيؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جنهن ڏينهن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون ته پوءِ ته اسان بدلو وٺي رهنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
هنن کان اڳ اسان فرعون جي قوم کي آزمائش ۾ وجهي چڪا آهيون، وٽن ڏاڍو مانائتو رسول (موسيٰ) آيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
۽ چيائين ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، مان توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪريو، مان توهان جي آڏو (پنهنجي نبي هجڻ جي) چٽي ســَـنــَـدَ پيش ڪريان ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ مان پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي پناهه وٺي چڪو آهيان ته متان توهان مون تي ڪو حملو ڪري وجهو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي