043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰــمۗ ڔ 1
ﷅ (حا ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي انهيءَ چٽي ڪتاب (قرآن) جو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
ته اسان ان کي عربي ٻوليءَ وارو قرآن بڻايو آهي، تانته توهان ان کي سمجهي سگهو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آهي، اسان جي نظر ۾ ڏاڍي بلند مرتبي وارو ۽ حڪمت سان ڀريل ڪتاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
ڇا پوءِ اسان توهان کان ڪڪ ٿي اهو نصيحت وارو سبق توهان ڏي موڪلڻ بند ڪنداسين؟ ان ڪري جو توهان حد کان لنگهي ويل آهيو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
اڳ ٿي گذريل قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته وٽن ڪو نبي آيو هجي ۽ انهن ان تي ٺـٺوليون نه ڪيون هجن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
پوءِ جيڪي ماڻهو کانئن طاقت ۾ زور هئا، انهن کي به اسان برباد ڪري ڇڏيو. آڳاٽين قومن جا مثال گذري چڪا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته پاڻ ئي چوندا ته "انهن کي انهيءَ زبردست ڄاڻو هستيءَ پيدا ڪيو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
جنهن زمين کي توهان لاءِ پينگهو بڻايو آهي ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا ٺاهيا اٿائين، تانته توهان پنهنجن منزلن تي پهچڻ جون واٽون لهي سگهو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
جنهن هڪڙي مناسب مقدار ۾ آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ ان جي وسيلي مئل شهرن کي جيئاري کڙو ڪيو، ائين ئي هڪڙي ڏينهن توهان به (قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
اهو جنهن اهي ڪــُـل جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ جنهن توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي توهان جي سواري بڻايو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
تانته توهان انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو ۽ جڏهن چڙهي سوار ٿيو ته پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو: "پاڪ آهي اها ذات، جنهن اسان لاءِ انهن کي تابع بڻايو آهي، نه ته اسان کي ڪهڙي طاقت هئي، انهن کي قابو ڪري جهلڻ جي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ نيٺ ته اسان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽي هلڻو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
(ان هوندي به) انهن ماڻهن سندس ٻانهن مان ڪن کي کڻي سندس جزو بڻايو. بيشڪ انسان پڌرو احسان فراموش آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
ڇا الله پنهنجيءَ مخلوق مان پاڻ لاءِ ته ڌيئر کنيون آهن، باقي توهان کي پٽن سان نوازيو اٿائين؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
هوڏانهن حالت اها آهي ته جنهن اولاد کي اهي رحمان ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ان جي ڄمڻ جي خوشخبري جڏهن خود انهن مان ڪنهن کي ڏني وڃي ٿي ته سندس منهن ڪاراٺجي وڃي ٿو ۽ هو ڏک ۾ ڀرجي ٿو وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
ڇا الله جي حصي ۾ ته اها اولاد آئي آهي، جيڪا ڳهن ڳٺن ۾ پلجي ٿي ۽ بحث ۽ دليل بازيءَ ۾ پنهنجو مطلب کولي پيش به نٿي ڪري سگهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
۽ انهن ملائڪن کي جيڪي رحمان جا خاص ٻانها آهن، ڌيئر بڻايو آهي. ڇا انهن سندن جسماني بناوت ڏٺي آهي؟ سندن شاهدي لکي ڇڏبي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
چون ٿا ته جيڪڏهن رحمان ائين گهري ها ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون) ته اسان کين ڪڏهن به نه پوڄيون ها. اهي معاملي جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن، رڳو پيا ٿا ڌڪي بازي ڪن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي