042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰــمۗ 1ۚ
ﷅ (حا ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعۗسۗقۗ 2
ﰹ (عين. سين. قاف)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
(اي نبي) اهڙي ئي نموني الله زبردست ۽ داناءُ توڏانهن ۽ توکان اڳ ٿي گذريل (رسولن) ڏانهن وحي ڪندو رهيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سندس ئي آهي، هو تمام مٿانهون ۽ تمام وڏو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
اجهو ٿا آسمان مٿان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ زمين وارن جي حق ۾ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا. خبر هجيوَ ته بيشڪ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
جن ماڻهن ان کي ڇڏي پنهنجا ٻيا مددگار بڻايا آهن، انهن تي نظرداري ڪندڙ به الله آهي، تون انهن جو رکوالو نه آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
اهڙيءَ طرح ئي اي نبي! اسان توڏانهن هيءُ عربي زبان وارو قرآن ان لاءِ وحي ڪيو آهي ته جيئن تون آبادين جي مرڪز (شهر مڪي) ۽ ان جي چؤطرف رهڻ وارن کي ڊيڄارين ۽ مــِـڙي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان کين ڊيڄارين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي، هڪڙو ٽولو ته جنت ۾ وڃڻو آهي ۽ ٻيو ٽولو دوزخ ۾ پوڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هڪڙي ئي امت بڻائي ڇڏي ها، پر هو ته جنهن کي چاهيندو آهي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو آهي ۽ ظالمن جو ڪوبه ولي ۽ مددگار ڪونهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
اهي ڀلا (اهڙا نادان آهن ڇا جو) کيس ڇڏي ٻيا ولي ورتا اٿن، ولي ته الله ئي آهي. اهوئي ٿو مئن کي جيئرو ڪري ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
توهان جو پاڻ ۾ ڪنهن به معاملي ۾ ڪو اختلاف آهي ته ان جو فيصلو الله کي ڪرڻو آهي، اهوئي الله ته منهنجو رب آهي، انهيءَ تي ئي مون ڀاڙيو آهي ۽ ان ڏانهن ئي رجوع ٿيان ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ وارو جنهن توهان جي پنهنجيءَ ئي جنس مان توهان لاءِ زالون پيدا ڪيون آهن ۽ ان ريت جانورن ۾ به (پنهنجيءَ پنهنجيءَ جنس مان) جوڙا بڻايا اٿائين ۽ ان طريقي سان توهان جا ڪــَـڻي مان ڪيچ ڪري ٿو، ان جهڙي ڪائنات جي ڪا شيءِ ڪانهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون هن وٽ ئي آهن. جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن جو گهري تنگ ڪري ڇڏي ٿو، کيس هر شيءِ جو علم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
هن توهان لاءِ دين جو اهوئي نمونو مقرر ڪيو آهي، جنهن جو حڪم هن نوح کي ڏنو هو ۽ جنهن کي (اي محمد) هاڻي اسان توڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏئي چڪا آهيون، انهيءَ تاڪيد سان ته انهيءَ دين کي قائم ڪريو ۽ ان معاملي ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. اهائي ڳالهه ته انهن مشرڪن کي ڏاڍي ڏکي لڳي آهي، جنهن ڏانهن (اي نبي) تون کين سڏين ٿو، الله جنهن کي وڻيس پنهنجي لاءِ چونڊي وٺي ٿو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو هو، انهيءَ کي ٿو ڏَسي جيڪو ڏانهس ورندو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
ماڻهن جون واٽون جو جدا ٿيون ته اهي وٽن علم اچي وڃڻ کان پوءِ ئي ٿيون ۽ ان ڪري ٿيون جو هنن هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي گهري. جيڪڏهن تنهنجو رب اڳيئي اهو قول نه ڏئي چڪو هجي ها ته فيصلو هڪڙي مقرر وقت تائين ملتوي ٿيل آهي، ته سندن وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ اڳين کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪتاب جا وارث بڻايا ويا آهن، سي ان بابت ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
(صورتحال ڪيئن به هجي) تون اي نبي! انهيءَ دين ڏي سڏيندو رهه ۽ جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي، انهيءَ تي قائم رهه ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن تي نه هل ۽ چئي ڇڏين ته "الله جيڪو ڪتاب به نازل ڪيو آهي، مان ان تي ايمان آندو آهي ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان توهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي. اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ . اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهيڙو ڪونهي. الله نيٺ اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ ڏانهس ئي سڀني جو موٽڻ آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
الله جي دين کي قبولڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو (انهن سان) الله جي باري ۾ تڪرار ڪن ٿا، انهن جي حجت بازي سندن رب جي نظر ۾ بي وزن آهي ۽ مٿن ڏمر ٿيل آهي ۽ انهن لاءِ ڏاڍو سخت عذاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
اهو الله ئي آهي، جنهن حق وارو هيءُ ڪتاب ۽ انصاف جي تارازي نازل ڪيا آهن ۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جي گهڙي متان اچي سڻائي ئي ٿي هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
جن جو مٿس ايمان ئي ناهي سي ته ان جي اچڻ لاءِ تڪڙ مچائي رهيا آهن ۽ جن جو مٿس ايمان آهي، اهي ته ان کان ڊڄندا ٿا رهن ۽ ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ برحق آهي. ٻڌي ڇڏيو! ته جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ جي اچڻ جي باري ۾ شڪ جي ڪري اجايا بحث ڪن ٿا، سي گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي پيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
الله پنهنجن ٻانهن تي ڏاڍو مهربان آهي. جنهن کي جيڪي وڻيس سو ڏئي ٿو ۽ هو وڏيءَ سگهه وارو ۽ زبردست آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جيڪو آخرت وارو فصل طلبي ٿو اسان ان جي پوک کي وڌائي ڇڏيون ٿا ۽ جيڪو دنيا واري فصل جو طالبو آهي، تنهن کي دنيا منجهان ئي ٿا ڏئي ڇڏيون، پر پوءِ ان جو آخرت ۾ ڪوبه ڀاڱو ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي