041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰـمۗ 1ۚ
ﷅ (حا ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
هي (قرآن) رحمٰن ۽ رحيم وٽان نازل ٿيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جون آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آهن. قرآن آهي عربي زبان وارو، انهن ماڻهن لاءِ جن وٽ علم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ. پر انهن ماڻهن مان گهڻن منهن موڙي ڇڏيو ۽ ٻڌن ئي نٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
(اي نبي) چون ٿا: جنهن شيءِ ڏانهن تون اسانکي سڏي رهيو آهين، انهيءَ کان ته اسان جي دلين تي پردا پيل آهن، اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪڙو پردو اچي ويو آهي، سو تون پنهنجو ڪم ڪر اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
(اي نبي) چوين ته "مان ته توهان جهڙو هڪڙو بشر (انسان) آهيان، مون کي وحيءَ جي وسيلي ٻڌايو وڃي ٿو ته توهان جو معبود فقط هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري توهان سڌو سنئون انهيءَ ڏي ئي منهن ڪريو ۽ ان کان معافي گهرو. تباهي آهي انهن مشرڪن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪواة نٿا ڏين ۽ آخرت کي به مڃيندڙ ناهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
اي نبي! چوين ته "ڇا توهان انهيءَ هستيءَ سان ڪفر ڪريو ٿا ۽ ٻين کي ان جي برابر بڻايو ٿا، جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ بڻايو؟ اهوئي ته ساري جڳ جهان جو پالڻهار آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
هن (زمين کي خلقڻ کانپوءِ ) مٿانئس جبل کوڙي ڇڏيا ۽ منجهس برڪتون وِڌائين ۽ ان ۾ سڀني گهرڻ وارن لاءِ هرهڪ جي گهرج مطابق پوري انداز ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان رکيائين، سڀ ڪجهه چئن ڏينهن ۾ ڪيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ وري آسمان ڏانهن ڌيان ڏنائين جيڪو ان وقت دونهون هو. هن آسمان ۽ زمين کي چيو ته "اچي وڃو وجود ۾ خوشيءَ سان يا ارهائيءَ سان". ٻنهي چيو: اسان اچي وياسون فرمانبردارن وانگر
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ هن ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بڻايا ۽ هر آسمان ۾ ان جو قانون وحي ڪري ڇڏيائين ۽ دنيا واري آسمان کي اسان ڏيئن سان سينگاريو آهي ۽ ان کي خوب محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هڪڙي زبردست ڄاڻو هستيءَ جي رٿيل رٿا آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
هاڻي جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن ٿا موڙين ته چئي ڇڏين ته مان توهان کي اهڙي اوچتو ئي اچي ڪڙڪندڙ عذاب کان ڊيڄاريان ٿو، جهڙو عاد ۽ ثمود تي نازل ٿيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن الله جا رسول وٽن اڳيان پويان هر طرف کان آيا ۽ کين سمجهايائون ته سواءِ الله جي ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو ته انهن چيو ته "اسان جو رب جيڪڏهن چاهي ها ته فرشتا موڪلي ها، تنهنڪري جنهن ڳالهه لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ان کي مڃڻ وارا ناهيون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
عاد (جي قوم) جي حالت اها هئي، جو هو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته "ڪير آهي اسان کان طاقت ۾ زور؟" ڇا اهو نه پئي سمجهيائون ته جنهن الله کين پيدا ڪيو آهي، سو کانئن طاقت ۾ ڏاڍو آهي ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
نيٺ اسان ڪن منحوس ڏينهن ۾ مٿن ڏاڍو سخت طوفان موڪليوسون، تانته کين دنيا واريءَ زندگيءَ ۾ ئي ذلت ۽ خواريءَ واري عذاب جو مزو چکائي ڇڏيون ۽ آخرت وارو عذاب ته اڃان به وڌيڪ خواريءَ وارو اٿن ۽ اتي ته ڪوبه مدد نه ڪندن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
وري ثمود (جي قوم) ته انهن کي اسان سڌو رستو ڏسيو پر انهن رستو وٺي هلڻ بدران، انڌائپ کي پسند ڪيو، نيٺ سندن ڪرتوتن سبب ذلت واري عذاب جي ڪڙڪي کين ورتو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو جن ايمان آندو هو ۽ بڇڙن ڪمن کان پاڻ بچائيندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
(ياد ڪريو) اهو وقت جڏهن الله جا اهي دشمن دوزخ ڏانهن گڏ ڪيا ويندا ۽ اڳين کي پوين جي اچڻ تائين روڪي بيهاريو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
تان جو جڏهن سڀ پهچي ويندا ته سندن ڪــَـنَ ۽ اکيون ۽ سندن بدن جون چمڙيون به مٿن شاهدي ڏينديون ته هو دنيا ۾ ڇا ڪندا رهيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي