040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
حٰـمۗ 1ۚ
ﷅ (حا ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي، جيڪو زبردست ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
گناهه بخشي ڇڏيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ آهي. تمام سخت سزا ڏيندڙ ۽ وڏي فضل وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڏانهن ئي سڀني کي موٽي هلڻو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
الله جي آيتن بابت ته رڳو اهي جهڳڙو ڪندا آهن، جيڪي ڪافر هوندا آهن. پوءِ شهرن ۾ انهن جو هلڻ توکي ڪنهن دوکي ۾ نه وجهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
انهن کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو سڏيو هو ۽ کانئن پوءِ ٻين به ڪيترن ئي جٿن ائين ڪيو. هر قوم پنهنجي رسول کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو، انهن سڀني باطل جي هٿيارن سان حق کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نيٺ مون کين قابو ڪيو. پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
اهڙيءَ طرح تنهنجي رب جو اهو فيصلو به انهن سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿي ويو آهي. جن ڪفر ڪيو آهي سي جهنم ۾ پوڻ وارا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
اهي فرشتا جيڪي عرش کي کنيون بيٺا آهن ۽ اهي جيڪي عرش جي چؤگرد حاضريءَ ۾ بيٺا آهن، اهي سڀئي پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا، انهن جو مٿس ايمان آندل آهي ۽ ايمان وارن لاءِ گناهن جي بخشش جي دعا گهرندا رهن ٿا. چون ٿا ته "اي اسان جا رب! تون پنهنجيءَ رحمت ۽ پنهنجي علم سان هر شيءِ تي ڇانيل آهين، تنهنڪري تون کين معاف ڪري ڇڏ ۽ دوزخ جي باهه کان انهن کي بچاءِ ، جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ ورتي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
اي اسان جا رب! انهن کي سدائين قائم رهندڙ جنتن ۾ داخل ڪر، جنهن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ سندن پيءُ ماءُ ۽ اولاد مان به جيڪي صالح هجن (تن کي به اتي پهچاءِ ) تون بيشڪ وڏيءَ طاقت وارو ۽ داناءُ آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
۽ کين بڇڙاين کان پناهه ۾ رک. جنهن کي تو قيامت جي ڏينهن بڇڙاين کان بچايو، تنهن تي تو وڏو فضل ڪيو ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
جن ڪفر ڪيو آهي، تن کي قيامت جي ڏينهن سڏي چيو ويندو ته "اڄ جيڏي سخت ڪاوڙ توهان کي پنهنجو پاڻ تي ٿي اچي، تنهن کان وڌيڪ غضبناڪ الله توهان تي ان وقت ٿيندو هو، جڏهن توهان کي ايمان ڏانهن سڏيو ويندو هو ۽ توهان وري ڪفر ڪندا هيؤ"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
هو چوندا: "اي اسان جا رب! تو برابر اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا حياتي ڏني، هاڻي اسان پاڻ پنهنجا گناهه باسيون ٿا، ڇا پوءِ (هتان) ڪا نڪرڻ جي واهه آهي؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
(جواب ملندن) اهو ته ان ڪري آهي جو جڏهن هڪڙي الله ڏانهن سڏيو ويندو هو ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪندا هيـوَ ۽ جڏهن ساڻس گڏ ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو ته توهان مڃيندا هيؤ. هاڻي ته فيصلو الله مٿانهين ۽ وڏي جي هٿ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
اهوئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو رهي ٿو ۽ آسمان مان توهان لاءِ رزق نازل ڪري ٿو پر (انهن نشانين مان) سبق فقط اهو ٿو پرائي، جيڪو الله ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ (الله ڏانهن ورڻ وارؤ) الله کي ئي سڏيندا ڪريو، پنهنجي دين کي خالص ان جو ئي ڪري، کڻي اها ڳالهه ڪافرن کي ڪيتري به اڻ وڻندڙ ڇو نه لڳي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
هو تمام مٿانهن درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي چاهي پنهنجي حڪم سان روح (وحي) ٿو نازل ڪري، تانته ملاقات واري ڏينهن کان کين خبردار ڪري
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
اهو ڏينهن جڏهن سڀ قبرن مان نڪرندا، انهن جي ڪابه شيءِ الله کان لڪل نه هوندي (ان ڏينهن وڏي واڪي پڇيو ويندو ته) اڄ بادشاهي ڪنهن جي آهي؟ (سموري مخلوق جواب ۾ چوندي ته) الله هيڪڙائيءَ واري ۽ سڀني تي ضابطو رکندڙ جي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
(چيو ويندو) اڄ هرهڪ کي سندس ڪمائيءَ جو ڦل ملندو، جيڪا ان ڪئي هئي. اڄ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ تمام تڪڙو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
(اي نبي) ڊيڄار انهن ماڻهن کي ان ڏينهن کان جيڪو اچي ويجهو ٿيو آهي، جڏهن ساهه مٺ ۾ ٿي ويندا ۽ ماڻهو ڏک ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪي ڪو دوست هوندو ۽ نه وري ڪو اهڙو سفارشي، جنهن جو چيو ورتو وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
الله نظرن جي چوري به ڄاڻي ٿو ته سينن جا سانڍيل راز به
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
۽ الله فيصلو بلڪل حق جو ڪندو. باقي جن کي (اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي پڪاريندا آهن، سي ڪنهن به شيءِ جو فيصلو ڪرڻ وارا ناهن. بيشڪ الله ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي