039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله زبردست ۽ داناءَ وٽان آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
(اي نبي) اهو ڪتاب (قرآن) اسان توڏانهن برحق نازل ڪيو آهي، سو تون الله جي ئي ٻانهپ ڪر، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ جو ئي ڪري
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
خبردار! دين خالص الله جو ئي آهي، باقي جن ماڻهن پنهنجا مددگار الله کي ڇڏي ٻيا بڻايا آهن، (۽ سبب اهو ٿا ٻڌائن ته) اسان انهن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته اهي اسان کي الله جي ويجهو ڪن ته الله بيشڪ انهن جي وچ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جن بابت هو اختلاف ڪن ٿا. الله ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت نه ڏيندو آهي، جيڪو ڪوڙو ۽ حق جو منڪر هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
جيڪڏهن الله ڪنهن کي پٽ بڻائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها چونڊي وٺي ها، هو ته پاڪ آهي ان ڳالهه کان (جو ڪو پٽ هجيس)، اهو الله اڪيلو ۽ زبردست آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
هن آسمانن ۽ زمين کي حق مطابق پيدا ڪيو آهي، هو ئي ڏينهن تي رات کي ۽ رات کي ڏينهن تي ويڙهيندو ٿو وڃي، هن سج ۽ چنڊ کي اهڙيءَ طرح تابع ڪري ڇڏيو آهي، جو هرهڪ هڪڙي مقرر وقت تائين پيو ٿو هلندو رهي. خبردار! هو زبردست به آهي ته بخشڻهار به
— سيد ابوالاعليٰ مودوديخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
انهيءَ ئي توهان کي هڪڙي ئي وجود مان پيدا ڪيو ۽ وري انهيءَ ئي ان منجهان سندس زال بڻائي ۽ انهيءَ ئي توهان لاءِ چوپائي مال مان اَٺ نــَـر ماد پيدا ڪيا. اهوئي توهان جي مائن جي پيٽن ۾ ٽن اونداهن پردن ۾ توهان کي هڪ کان پوءِ ٻي شڪل وٺائيندو وڃي ٿو. اهوئي الله (جيڪو ائين پيو ڪري) توهان جو رب آهي! بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته الله کي توهان جي ڪهڙي پرواهه آهي، باقي هو پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪفر کي پسند نه ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته ان ڳالهه کي توهان جي حق ۾ ڏاڍو پسند ٿو ڪري. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو. پوءِ ته توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، تڏهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو. هو ته دلين جا حال به ڄاڻي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
جڏهن انسان تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته هو پنهنجي رب ڏانهن ئي منهن ڪري کيس پڪاريندو آهي، پر پوءِ جڏهن هو کيس پنهنجي نعمت سان نوازي ٿو ته هو اها مصيبت وساري ٿو ڇڏي، جنهن لاءِ کيس اڳ ۾ سڏيندو رهيو هو ۽ وري ٻين کي ٿو الله جو مــَـٽ بڻائي، تانته سندس راهه کان ٿيڙي. (اي نبي) چويس ته ٿورڙا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزو وٺي ڏس، پوءِ ته پڪ تون دوزخ ۾ پوڻ وارو آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
(ڇا ان شخص جي هلت سٺي آهي يا انهيءَ ماڻهوءَ جي) جيڪو فرمانبردار آهي، رات جي ڪن پهرن ۾ سجدا به ٿو ڪري ته اڀو به بيٺو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جو اميدوار آهي؟ پڇين ته ڇا ڄاڻڻ وارا ۽ نه ڄاڻڻ وارا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته اهي ئي پرائيندا آهن، جن کي عقل هوندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
(اي نبي) چؤ ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي، پنهنجي رب کان ڊڄو. جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي اختيار ڪئي آهي، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله جي زمين ته ڏاڍي ڪشادي آهي. صبر ڪندڙن کي ته سندن اجر بنا حساب جي ئي ڏنو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
(اي نبي) چوين ته مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ٻانهپ ڪريان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اول مان پاڻ فرمانبردار بڻجان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
ٻڌائينِ ته جيڪڏهن مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته مون کي هڪڙي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خطرو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
چئي ڇڏينِ ته مان ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ئي ٻانهپ ڪندس
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
توهان ان جي بدران جنهن جي وڻيوَ بندگي ڪندا رهو. چوين ته بيشڪ نقصان وارا ته اهي آهن، جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي به ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو. چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو ته اهوئي اٿوَ ظاهر ظهور نقصان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
انهن تي باهه جون ڇٽيون مٿان به ڇانئيل هونديون ته هيٺان به. اهائي اٿوَ اُها پڇاڙي، جنهن کان الله پنهنجن ٻانهن کي ڊڄاريندو رهي ٿو، تنهنڪري اي منهنجا ٻانهؤ! مون کان ڊڄو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
جن ماڻهن طاغوت جي ٻانهپ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانهن رجوع ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ (اي نبي) تون خوشخبري ڏي منهنجن انهن ٻانهن کي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
جيڪي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌندا آهن ۽ ان جي سهڻي ۾ سهڻي مطلب جي پيروي ڪندا آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
(اي نبي) ڪير ٿو بچائي سگهي ان ماڻهوءَ کي، جنهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي چڪو آهي. ڇا تون بچائي سگهندين ان کي جيڪو وڃي باهه ۾ پيو آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
باقي جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊنا انهن لاءِ بلند ماڙيون آهن، منزل مٿان منزل اڏيل، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون. اهو الله جو وعدو آهي. الله پنهنجي وعدي جي خلاف نه ڪندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي