038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ﯚ (صاد) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
اصل ڳالهه اها آهي ته جن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي وڏ ماڻهپ ۽ هٺ ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
انهن کان اڳ اسان ڪيتريون ئي قومون برباد ڪيون آهن (۽ جڏهن سندن وارو آيو آهي ته) رڙيون ڪرڻ لڳا آهن، پر بچڻ جي ته ڪا ويل ئي نه اٿن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
انهن ماڻهن کي ان ڳالهه تي ڏاڍو عجب لڳو آهي ته ڊيڄارڻ وارو خود انهن مان ئي اچي ويو آهي. منڪر چوڻ لڳا ته اهو ڪوڙو جادوگر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
ڇا انهن سڀني معبودن جي بدران فقط هڪڙو ئي معبود بڻايو اٿائين؟ اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ قوم جا چڱا مڙس ائين چوندا هليا ويا ته هلو قابو ٿي بيهو پنهنجن معبودن جي عبادت تي، اها ڳالهه ته ڪنهن ٻئي مطلب لاءِ پئي ٿي چئي وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
اها ڳالهه ته ڪنهن به ويجهڙائيءَ واري ملت ۾ اسان ڪنهن کان به نه ٻڌي آهي، اها ته رڳو هڪڙي گهڙيل ڳالهه آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
ڇا اسان منجهه رڳو اهوئي شخص وڃي رهيو هو، جنهن تي الله جو ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي. اصل ۾ اهي منهنجي ذڪر بابت ٿا شڪ ڪن ۽ اهي سموريون ڳالهيون ان ڪري ٿا ڪن جو منهنجي عذاب جو مزو نه چکيو اٿن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
ڇا تنهنجي ڏاتار زبردست پالڻهار جي رحمت جا خزانا سندن قبضي ۾ آهن؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
ڇا آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ موجود شين جا مالڪ اهي آهن؟ ته ڀلا پوءِ مٿي چڙهي ڏسن ته ڪٿان ٿو چرخو هلي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
جٿن منجهان اهو ته هڪڙو ننڍڙو جٿو آهي، جيڪو انهيءَ ئي جاءِ تي شڪست کائڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
هن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد (جي قوم) ۽ ڪــِـلن (ميخن) وارو فرعون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود (جي قوم) ۽ لوط جي قوم ۽ ايڪــھ وارا ڪوڙو سڏي چڪا آهن. اهي ئي هئا جٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
انهن مان هرهڪ رسولن کي ڪوڙو سڏيو ۽ منهنجي سزا جو فيصلو مٿن لاڳو ٿي ويو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
اهي ماڻهو به فقط هڪڙي ڌڌڪي جي انتظار ۾ آهن، جنهن کان پوءِ ٻيو ڪوبه ڌڌڪو نه ٿيندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ اهي چون ٿا ته اي اسان جا رب! حساب ڪتاب جي ڏينهن کان اڳيئي اسان جو حصو اسان کي بنا دير جي ڏئي ڇڏ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
اي نبي! صبر ڪر انهن ڳالهين تي، جيڪي اهي ڪن ٿا ۽ سندن آڏو اسان جي ٻانهي دائود جو قصو بيان ڪر، جيڪو وڏين صلاحيتن وارو هو. هر ڳالهه ۾ الله ڏانهن رخ ڪرڻ وارو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
اسان جبلن کي ساڻس گڏ تابع بڻائي ڇڏيو هو، جيڪي سج لهڻ مهل ۽ سج اڀرڻ مهل ساڻس گڏجي پاڪائي بيان ڪندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
پکي به مِڙي ايندا هئا ۽ سڀني جو سمورو ڌيان سندس پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ هوندو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
اسان سندس بادشاهي ڏاڍي مضبوط ڪئي هئي ۽ کيس دانائي ڏني هئي ۽ معاملو نبيري ڇڏڻ واري ڳالهه ڪرڻ جي لياقت عطا ڪئي هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي