037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
قسم آهي قطارون ڪري صفون ٻڌي بيهندڙن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
پوءِ وري قسم آهي دڙڪا ڏئي تـڙيندڙن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
وري قسم آهي انهن جو، جيڪي نصيحت وارو ڪلام ٻڌائيندڙ آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
ته توهان جو اصلي معبود بس هڪڙو ئي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
اهو جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي، جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ سج اڀرڻ وارن سڀني هنڌن جو مالڪ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي جنسار سان سينگاريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ هرهڪ سرڪش شيطان کان محفوظ ڪري ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
اهي شيطان ملاءِ الاعليٰ جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن، هر طرف کان چٽيا وڃن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديدُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
تـڙي ڪڍيا وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ لاڳيتو عذاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
ان هوندي به جيڪڏهن ڪو (شيطان) ڪجهه جــَـهٽي وٺي ٿو ته هڪڙو ٻرندڙ شعلو ڪڍ پويس ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
پڇينِ ته کين خلقڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا انهن شين کي جيڪي اسان خلقيون آهن. انهن کي ته اسان چيڙهالي گاري مان پيدا ڪيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
تون (الله جي قدرت جي ڪرشمن تي) عجب ٿو کائين ۽ اهي انهن تي ٽوڪون ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
۽ جڏهن سمجهائجين ٿو ته اصل نٿا سمجهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ان تي ٺٺوليون ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ چون ٿا ته "اهو ته پڌرو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ڇا ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير ٿي وينداسون ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
چوين ته هائو ۽ توهان ته (الله جي مقابلي ۾) بيوس لاچار آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
رڳو هڪڙي وڏي هڪل ٿيندي ۽ امالڪ اهي (اهو سڀ ڪجهه جنهن جي کين خبر ڏني پئي وڃي) اکين سان ڏسندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
ان وقت اهي چوندا ته "هاءِ ڙي اسان جو نڀاڳ! اهو ته حساب جو ڏينهن آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودودي