036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
يٰسۗ ۚ 1
يٰسٓ ( يا ـ سين)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
قسم آهي حڪمت ڀرئي قرآن جو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
ته تون بيشڪ رسولن مان آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
سڌيءَ واٽ تي آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
(۽ هيءُ قرآن) زبردست ۽ رحم ڪندڙ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ته جيئن تون خبردار ڪرين هڪڙيءَ اهڙيءَ قوم کي جن جا ابا ڏاڏا خبردار نه ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري اهي غفلت ۾ پيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
انهن مان گهڻا ماڻهو عذاب جا حقدار ٿي چڪا آهن، ان ڪري اهي ايمان نٿا آڻين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جيڪي کاڏين تائين پيل اٿن، جنهن ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
اسان هڪڙي اَڙَ سندن اڳيان ۽ هڪڙي اَڙَ سندن پٺيان ڏئي ڇڏي آهي. ائين اسان کين ڍڪي ڇڏيو آهي جو ڪجهه به ڏسي نٿا سگهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
(اي نبي) انهن لاءِ برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا نه ڪرين، ايمان نه آڻيندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
تون ته ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ بنا ڏسڻ جي رحمان کان ڊڄي. انهيءَ کي گناهن کان معافي ۽ ڀلي اجر جي خوشخبري ڏيئي ڇڏ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
اسان ضرور مئن کي جيئرو ڪرڻ وارا آهيون، جيڪي ڪجهه ڪري چڪا آهن ۽ جيڪي نشان پويان ڇڏيا اٿن، تن سڀني کي اسان لکندا ٿا وڃون. اسان هر شيءِ کي هڪڙي کليل ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
انهن کي مثال طور ان ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ ، جڏهن منجهس رسولَ آيا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
اسان وٽن ٻه رسول موڪليا ته هنن ٻنهي کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ اسان کين مدد ڏيڻ لاءِ ٽيون موڪليو ۽ انهن سڀني چيو: "اسان توهان ڏانهن رسول ڪري موڪليا ويا آهيون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
ڳوٺ وارن چيو: "توهان اسان جهڙا ئي انسان آهيو ۽ رحمان ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي، توهان رڳو ڪوڙ ٿا هڻو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
رسولن چيو: "اسان جو رب ٿو ڄاڻي ته اسان بيشڪ توهان ڏانهن رسول بڻائي موڪليا ويا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ اسان تي کولي چٽو ڪري پيغام پهچائڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ذميواري ڪانهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
ڳوٺ وارا چوڻ لڳا: "اسان ته توهان کي پنهنجي لاءِ نحوست ٿا سمجهون، جيڪڏهن توهان باز نه آيؤ ته اسان توهان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ توهان کي اسان جي پاران دردناڪ سزا ملندي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
رسولن جواب ڏنو: توهان جي نحوست ته خود توهان سان ئي لڳل آهي. ڇا ان ڪري ٿا ائين چئو جو توهان کي نصيحت ڪئي وئي؟ ڳالهه اصل اها آهي ته توهان ليڪا ئي لنگهي ويا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
ايتري ۾ شهر جي ڏورانهين پاسي کان هڪڙو شخص ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو: "اي منهنجي قوم وارؤ! رسولن جي پيروي ڪريو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي