034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀ ساراهه انهيءَ الله لاءِ آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي ۽ آخرت ۾ به ساراهه انهيءَ لاءِ آهي. هو داناءُ ۽ هر ڳالهه ڄاڻندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
جيڪي زمين ۾ اندر وڃي ٿو ۽ جيڪي منجهانئس نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪو منجهس چڙهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه هو ڄاڻي ٿو، هو رحم ڪندڙ ۽ بخشڻهار آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
انڪار ڪندڙ چون ٿا ته ڀلا قيامت اسان تي ڇو نه ٿي اچي! چوين: "قسم آهي منهنجي غيب ڄاڻندڙ پالڻهار جو ته اها توهان تي ضرور ايندي. هن کان ڪا ذرڙي جيتري شيءِ به نڪي آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾، نڪي ذرڙي کان ننڍي ۽ نه ان کان وڏي، سڀ ڪجهه هڪڙي پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
۽ اها قيامت ان لاءِ ايندي ته جيئن هو انهن ماڻهن کي اجورا ڏئي جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا آهن، انهن لاءِ (گناهن کان) معافي آهي ۽ مانائتو رزق آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جن ماڻهن اسانجي آيتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پئي پاڻ پتوڙيو آهي، تن لاءِ نهايت بڇڙي قسم جو دردناڪ عذاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
اي نبي! علم وارا ڄاڻن ٿا ته جيڪو تنهنجي رب وٽان توتي نازل ڪيو ويو آهي، سو بلڪل حق آهي ۽ انهيءَ زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل الله جو رستو ڏيکاري ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
حق جا انڪاري ماڻهن کي چون ٿا: "توهان کي ٻڌايون اهو ماڻهو، جيڪو توهان کي خبر ٿو ڏئي ته جڏهن توهان جا جسم ذرا پرزا ٿي ڪک پن ٿي ويندا ته وري توهان ورائي نئين سر پيدا ڪيا ويندؤ؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
پتو ناهي ته اهو ماڻهو الله تي پاڻ ٺاهي ڪوڙَ ٿو هڻي يا وري چريائي ٿي پئي اٿس؟" نه نه! بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، اهي عذاب ڀوڳڻ وارا آهن ۽ گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي پيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڀلا انهن ڪڏهن آسمان ۽ زمين کي نه ڏٺو آهي ڇا، جيڪي کين اڳيان توڙي پويان وڪوڙيو بيٺا آهن؟ اسان چاهيون ته کين زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرائي وجهون. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي هر انهيءَ ٻانهي لاءِ، جيڪو الله ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
اسان دائود کي پاڻ وٽان وڏو فضل عطا ڪيو هو (اسان حڪم ڏنو ته) اي جبلؤ! ساڻس گڏجي ســُـر ملائيندا ڪريو ۽ (اهڙو ئي حڪم ڏنوسين) پکين کي به، اسان ان لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
اها هدايت ڏئي ته زرهون ٺاهه ۽ سندن ڪڙين جي ماپ پوري رک ۽ (اي دائود جي اولاد) چڱا عمل ڪريو. جيڪي به توهان ڪريو ٿا، مان ان کي ڏسان پيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ سليمان لاءِ اسان هوا کي تابع بڻائي ڇڏيو. صبح جو ان جو گهلڻ به هڪ مهيني جي پنڌ جيترو ۽ شام جي وقت به ان جو گهلڻ هڪ مهيني جي پنڌ تائين. اسان ان لاءِ رجيل ٽامي جو چشمو وهائي ڇڏيو ۽ اهڙا جــِـنَ سندس قبضي ۾ ڏناسون، جيڪي پنهنجي رب جي حڪم سان سندس آڏو ڪم ڪندا هئا. انهن مان جيڪو اسان جي حڪم کان ڪنڌ ڪڍائيندو هو، تنهن کي اسان باهه جي عذاب جو مزو چکائيندا هئاسون
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
۽ هو ان لاءِ جوڙيندا هئا جيڪو هو چاهيندو هو، اوچيون محل ماڙيون، مورتون، وڏا وڏا حوضن جيڏا ٿالهه ۽ پنهنجي جاءِ تان نه هٽندڙ ڳوريون ديڳون. اي دائود جي اولاد! عمل ڪريو شڪرگذار ٿي، منهنجن ٻانهن مان ٿورڙائي شڪر ڪندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن سليمان تي اسان موت جو فيصلو لاڳو ڪيو ته جنن کي سندس موت جي خبر ڏيڻ واري شيءِ اڏوهي ئي هئي، جنهن سندس لٺ کي کاڌو، پوءِ جڏهن سليمان ڪري پيو ته جنن تي اها ڳالهه کــُـلي پئي ته جيڪڏهن هو غيب ڄاڻندا هجن ها ته انهيءَ ذلت واري عذاب ۾ نه پيا هجن ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
سبا (جي قوم) لاءِ سندن ٺڪاڻي ۾ ئي هڪڙي نشاني موجود هئي، ٻه باغ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان. کائو پنهنجي رب جو رزق ۽ شڪرانو ادا ڪريو ان جو. مــُـلڪ آهي ڏاڍو ڀلو ۽ رب اٿوَ بخشڻهار
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پر هنن پٺي ڏني، پوءِ ته اسان مٿن بند ڀڃي ڇڏيندڙ ٻوڏ موڪلي ۽ اڳين ٻن باغن بدران کين ٻه ٻيا باغ ڏنا، جن ۾ ڪوڙا ڪسارا ميوا، ليون لاڻيون هيون ۽ ڪي چند ٻيريون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اهو هو بدلو سندن ڪفر جو جيڪو اسان کين ڏنو ۽ اهڙو بدلو ناشڪري انسان کانسواءِ اسان ڪنهن ٻئي کي نه ڏيندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان انهن جي ۽ سندن ڳوٺن جي وچ ۾، جن ۾ اسان برڪت وڌي هئي، پري کان ئي نظر ايندڙ وسنديون آباد ڪيون هيون ۽ منجهن سفر جا مفاصلا هڪ اندازي مطابق رکيا هئا. گهمندا ڦرندا وتو انهن رستن تي رات ڏينهن بلڪل امن امان سان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
پر انهن چيو ته "اي اسان جا رب! اسان جي سفرن جا مفاصلا ڊگها ڪري ڇڏ" انهن پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪيو، پوءِ اسان کين (ٻين لاءِ) ڪهاڻيون بڻائي ڇڏيو ۽ صفا ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيوسون. بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن، هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو صبر وارو ۽ شڪر ڪندڙ هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
انهن جي باري ۾ ابليس پنهنجو اندازو صحيح لڌو جو هو سندس ڪڍ لڳا، سواءِ هڪڙي ٿورڙي ٽولي جي جيڪي مؤمن هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودودي